اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جمعيت علماءِ اسلام ف ڪاميٽين جي سطح تي باضابطا ڳالهين تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر جي جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال، معاشي، آئيني ۽ پارلياماني معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي گذريل رات ٿي جنهن ۾ عبدالغفور حيدري به شريڪ ٿيو. ذريعن موجب تحريڪ انصاف ۽ جي يو آءِ ف ڪامييٽين جي سطح تي باضابطا طور ڳالهين تي راضپو ڏيکاريو. پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر مولانا فضل الرحمان سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف مذاڪراتي ڪاميٽي جي نالن بابت آگاهه ڪيو. ملاقات دوران جمعيت علماءِ اسلام جي قيادت به جلد مذاڪراتي ڪاميٽي ٺاهڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. جي يو آءِ ف مذاڪراتي ڪاميٽي ۾ اترين اڳواڻن جي نالن بابت جلد پي ٽي آءِ قيادت کي آگاهه ڪندي.
-
عدالت پاران پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ جو طريقيڪار طلب
لاهور (م ڊ)لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کان پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ جو طريقيڪار طلب ڪري ورتو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ اسسٽنٽ اٽارني جنرل ۽ درخواستگذار جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پيٽرول جون قيمتون وڌڻ سبب مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي، حڪومت بنا ڪنهن سبب جي پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائي ڇڏيندي آهي.ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته پيٽرول انٽرنيشنل مارڪيٽ موجب وڌايو ويو آهي جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اوگرا ۽ حڪومتي موقف سمجهه کان مٿانهون آهي، عوام کي پيٽرول وڌائڻ بابت پڪا سبب به پيش نه پيا ڪيا وڃن.عدالت چيو ته وفاقي حڪومت رڪارڊ تي آڻي ته پيٽرول جي قيمت ڪهڙي طرح مقرر ڪئي ويندي آهي ۽ پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ جو طريقو واضح ڪيو وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت وفاقي حڪومت کي هدايت ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.
-
اسرائيل جي فلسطيني رياست جي قيام خلاف ٺهراءَ تي گڏيل قومن جي تنقيد
جنيوا (م ڊ) اسرائيلي پارليامينٽ جي فلسطيني رياست جي قيام خلاف منظور ٿيل ٺهراءَ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو رد عمل سامهون آيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته اسرائيلي پارليامينٽ جي فلسطيني رياست خلاف منظور ڪيل ٺهراءَ سان مايوسي ٿي. يو اين سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دجارڪ سندس جذبن جي عڪاسي ڪندي چيو ته اهڙي ووٽ ذريعي 2 رياستي حل کي رد نٿو ڪري سگهجي. بيان ۾ چيو ويو ته سيڪريٽري جنرل جي بقول فلسطين جو 2 رياستي حل ئي ان جو جٽادار رستو آهي جيڪو اسرائيل ۽ فلسطينين کي امن ۽ استحڪام ڏانهن آڻي سگهي ٿو.
-
ڪراچي ۾ وسڪاري باوجود گرمي 47 ڊگري محسوس ڪئي وئي
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ گرمي کانپوءِ مينهن وسيو، گرمي پد 38.5 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو پر محسوس 47 ڊگري ڪيو ويو. شهر ۾ اڄ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. گرميءَ جو مک سبب هوا ۾ گهڻي گهم هجڻ آهي. گلستان جوهر، موٽروي ايم نائن، گڏاپ ٽائون، اسڪيم 33، سرجاني ٽائون، گلشن اقبال، نارٿ ناظم آباد، حسن اسڪوائر، عيسيٰ نگري، پي آءِ بي ڪالوني، بهادر آباد ۽ ٻين هنڌن تي هلڪي برسات پئي. چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز موجب 22 جولاءِ کان سامونڊي هوائن جي رفتار وڌڻ جو امڪان آهي، هيٺئين سطح تي ڪڪرن جي ڪري شهر جي موسم بهتر ٿيندي.