مٺي(رپورٽ: غازي بجير) کارسر جبل جي امڪاني نيلامي خلاف ڳوٺاڻن سان گڏ تڪ جو ايم پي اي به بيهي رهيو آهي،اُنهي سلسلي ۾ ننگرپارڪر واري صوبائي تڪ تان چونڊيل پ پ ايم پي اي قاسم سومرو گذريل جي ڊگهي قافلي جي صورت ۾ ڳوٺ کارسر پهتو،جتي ڳوٺاڻن سان کارسر جبل جي ڪٽائي بابت هلندڙ معاملن تي گڏجاڻي ڪئي،قاسم سومري پاران ڪارونجهر ۽ کارسر جبل جي ڪٽائي خلاف ڳوٺاڻن سان گڏ بيهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،اُنهي سلسلي ۾ گڏجاڻي دوران ڳوٺاڻن کي خطاب ڪندي ايم پي اي قاسم سومري چيو ته ڪارونجهر سميت سموريون ٽَڪريون ڪارونجهر جو حصو آهن،کارسر جي ٽَڪري ته ٺهيو پر ڪنهن به ٽَڪري تان ننڍڙو پَٿر به کڻڻ نه ڏينداسين،ڪارونجهر ۽ کارسر سميت ڪنهن به ٽَڪري جي کوٽائي بابت ڪُنڊڪُڙڇ ۾ ٿيندڙ فيصلا قبول نه ڪبا،ڪارونجهر جبل تان لهندڙ پاڻي جمع ڪرڻ لاءِ ابين رپين جي لاڳت سان ڊيم ٺاهيا ويا آهن،اُنهن ڊيمن جي ڪري ننگرپارڪر ۾ وڏي خوشحالي آئي آهي ۽ ماڻهن کي روزگار جا موقعا مليا آهن،منهنجي ڪوشش آهي ته کارسر جبل تان لهي رِڻ ۾ ضايع ٿيندڙ پاڻي کي جمع ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺهڻ گهرجي،جنهن سان هتان جي ماڻهن کي وڏو فائدو ٿيندو،قاسم سومرو وڌيڪ چيو ته ننگرپارڪر جي سڄي قيادت اڄ گڏ وٺي اوهان سان عهد ڪرڻ آيو آهيان ته ڪارونجهر سميت سموريون ٽَڪريون محفوظ رهنديون،آئون سلام پيش ڪيان ٿو توهان ڳوٺاڻن کي جيڪو پنهنجي جبل کي بچائڻ لاءِ اُٿيا آهيون،ايئن سجاڳ رهجو،اسان توهان سان گڏ آهيون،ڪارونجهر پاڻ سڀني لاءِ سيني ۾ دل وانگر آهي،دل جي حفاظت هر صورت ۾ ڪبي.
ڪارونجهر جبل اسان جو جياپو آهي، جنهن کي بچايو وڃي : ڳوٺاڻا
مٺي:کارسر جي ڳوٺاڻن ايم پي اي کي ٻُڌايو ته اسان کي ٻيو ڪجهھ نه ٿو کپي بس هي جبل اسان جو جياپو آهي اِهو بچايو وڃي، اسان انسانن سميت جهنگلي جيوت ۽ پکين لاءِ هي جبل زندگي جيئڻ جو رستو آهي،خدا جي واسطي اسان کان جيئڻ جو سهارو نه کسيو وڃي،ڳوٺاڻن چيو ته اسان قاسم سومرو جا شڪرگذار آهيون جيڪو اسان وٽ هلي آيو آهي ۽ يقين ڏياري پيو ته ڪارونجهر سميت کارسر ۽ ٻين سمورين ٽَڪرين جي ڪا به کوٽائي نه تيندي،اِها اسان جي لاءِ خوشي جي ڳالهھ آهي،
قاسم سومري سان گڏ اڳوڻو ٽائون چيئرمين ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ پهتا
مٺي: قاسم سومري سان گڏ تعلقي جي سڄي قيادت ڳوٺ کاسر پهتي،پ پ ايم پي اي قاسم سومرو سان گڏ سابق ٽائون چيئرمين ننگرپارڪر سردار خان کوسو،رئيس عبدالغني خان کوسو،پ پ تعلقي صدر ڪريم ڏنو دل،قلندر کوسو،لالا لجپت ڀيل،اياز خاصخيلي،ممتاز سمون سميت تعلقي جا معززين ڳوٺ کارسر پهتا،جتي پ پ ايم پي اي قاسم سومرو پاران ڳوٺاڻن کي ٻُڌايو ته سڀ هتي توهان وٽ توهان جي موقف جي حمايت ڪرڻ ۽ توهان سان يڪجهتي ڪرڻ آيا آهيون،