پريالوءِ ۾ ڪٺور دل پيءُ پاران معصوم پٽ کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف، لاش هٿ

پريالوءِ (ن ع آ ) فيض محمد ٻنڊو پوليس ظالم پيءُ صدام ڀنگر کي گرفتار ڪري ورتو،  جنهن ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آھي ته 9  محرم تي گهر ٻاهران مون  پنهنجي چئن ورهين جي پٽ معراج  ڀنگر کي گهر ٻاهران کڻي خيرپور جي سوراهه ٿاڻي جي حد  اڀن شاهه پير تي وڃي قتل ڪيو ان جو لاش پهاڙين ۾ اڇلائي آيم،  اهڙي انڪشاف کان پوءِ فيض محمد ٻنڊو ۽ سوراھ ٿاڻي جي پوليس جوابدار کي ساڻ ڪري معصوم نينگر جو لاش ھٿ ڪري ورتو ، فيض محمد ٻنڊو پوليس جي ايس ايڇ او چيو ته وهشي صفت درندي کي گرفتار ڪيو آھي ۽ نينگر جي لاش جو پوسٽ مارٽم اسپتال مان ڪرائي سندس امڙ حوالي ڪيو ويندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.