ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو) ڪنڌڪوٽ جي مٺا چوڪ وٽ موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن موٽرسائيڪل تي ويندڙ نوجوان مظفر ولد شاھڏنو بنگوار کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. واقعي واري ھنڌ ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته بنگوار برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو آھي.مقتول نوجوان جا وارث اسپتال پهچي لاش پوليس کان وصول ڪيو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.