پي ٽي آءِ آزاد ميمبرن جي فهرست اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ)سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف  آزاد قومي اسيمبلي ميمبرن جي فهرست اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.ذريعن موجب تحريڪ انصاف 38 آزاد قومي اسيمبلي ميمبرن جي فهرست اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي نمائندي اليڪشن ڪميشن ۾ قومي اسيمبلي جي آزاد اسيمبلي ميمبرن جي  فهرست جمع ڪرائي. اسيمبلي ميمبرن جي فهرست سان گڏ اضافي دستاويز به لڳايا ويا آهن.ذريعن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف 3 آزاد ميمبرن جا حلفي بيان اڃان تائين جمع ناهن ڪرايا. صاحبزاده محبوب سلطان، مبين عارف ۽ رياض فتيانه پرڏيهي ملڪن ۾ آهن انهن ٽنهي ميمبرن جي پارٽي وابستگي فارم اڄ جمع ڪرائيندا. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت سني اتحاد اتحاد ڪونسل تي فيصلو ٻڌائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف کي آئيني جماعت قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو هو ته قومي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن پاڪستان تحريڪ انصاف کي الاٽ ڪيون وينديون جڏهن ته تحريڪ انصاف کي هدايت ڪئي هئي ته پنهنجي ميمبرن جي فهرست حلف نامن سان گڏ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي وڃي.

  1. شهباز شريف جي عمان کي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار جي آڇ

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف عمان کي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار جي  آڇ ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عمان جي سفير فهد سليمان خلف الخروسي جي ملاقات ٿي. وزيراعظم مسقط جي ضلعي وادي ڪبير ۾ امام بارگاهه تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي ۽ شهيد پاڪستانين جي مڙهن جي واپسي ۽ زخمين جي علاج لاءِ عمان جي سهڪار جي ساراهه ڪئي. شهباز شريف سلطان هيثم بن طارق لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم عمان جي سلطان سان عيدالضحيٰ ۽ عيد الفطر تي ٽيليفونڪ رابطن جو به ذڪر ڪيو. وزيراعظم طرفان سلطان هيثم بن طارق کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ جو عزم ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ عمان جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. هن واپار، توانائي، دفاع سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جو واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار لاءِ وفد کي پاڪستان جي دوري جي ترغيب تي عمان جي سفير ٿورا مڃيندي چيو ته گڏيل طور تي فائديمند نتيجن لاءِ عمان جي وفد کي مڪمل سهڪار فراهم ڪنداسين. عمان جي سفير فهد سليمان خلف الخروسي عمان جي سلطان طرفان وزيراعظم محمد شهباز شريف لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان سان واپاري ۽ سيرپڪاري لاءِ لاڳاپا وڌائڻ جي خواهش جو عزم ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.