حيدرآباد )پ ر) موجوده ڊجيٽل آدمشماري جا ظهار ڪيل انگ اکرن کي رد ڪيون ٿا. سنڌ ڊجيٽل آدمشماري جي شروع ٿيڻ وقت پنهنجا تحفظات ظاهر ڪيا هئا ۽ سخت احتجاج ڪيو هو. اهڙن خيال جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڊجيٽل آدمشماري جي ظاهر ڪيل انکن اکرن تي رد عمل ڏيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي آدمشماري جي حقيقي انگن اکرن پڌرو نه ڪيو ويو آهي ڪوڙا هٿ ٺوڪيا انگ اکر پڌرا ڪيا ويا آهن جنهن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو تعداد گهٽائي ڏيکاريو ويو آهي هن چيو ته 1917 واري آدمشماري ۾ سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارن جو تعداد 61.60 سيڪڙو هو. حيرت جي ڳالهه آهي ته اهو تعداد ڊجيٽل آدمشماري ۾ وري گهٽجي 60.60 سيڪڙو ٿي ويو. هن چيو اسان پهرين ڏينهن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري جي نالي سان سنڌ سان دوکو ڪيو پيو وڃي۽ غلط انگ اکر پيش ڪيا ويندا. اڄ جڏهن انگ اکر ظاهر ڪيا ويا آهن ته اها ڳالهه سچ ثابت ٿي آهي.