هاڪس بي ڌارين حوالي ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي: ثمرحيدر جتوئي

سجاول (پ ر)سجاول پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائندي سنڌ هاري ڪاميٽي صدر ثمرحيدر جتوئي چيو آهي ته سنڌ جي زمينن تي والار جاري آهي هاڪس بي جي زمين ڌارين جي حوالي ڪرڻ وارو عمل مزمت جوڳو آهي ڪارپوريٽ فارمنگ جي زمين جي نالي تي زمينون ڏيڻ سنڌ سان ناانصافي آهي هن چيو ته ملڪ اندر مهانگائي جو طوفان آهي غريب ماڻهو مهانگائي سبب پريشان آهي ماڻهن کان ماني ڳڀو کسيو پيو وڃي، سنڌ اندر پاڻي جي کوٽ شدد اختيار ڪري وئي آهي سنڌ اندر هارين جا پوکيل فصل پاڻي نه هجڻ ڪري سڪي رهيا آهن پاڻي پنجاب ڌاڙو هڻي رهيو آهي سنڌو دريا جي پاڻي تي حق سنڌ وارن جو آهي، سنڌ هاري ڪاميٽي پرامن جدوجهد جاري رکندي سنڌ سان ڪا به ناانصافي برداشت نه ڪندي ان موقعي تي سنڌ هاري ڪاميٽي اڳواڻ ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي،ڪامريڊ محبوب حيدر،ولي محمد برهماڻي ۽ ٻيا گڏ هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.