اسلام آباد (م ڊ): سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججن جي مقرريءَ بابت جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس کان اڳ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججن جي مقرريءَ واري تجويز کي رد ڪيو وڃي. شبلي فراز چيو ته ايڊهاڪ ججن جي مقرريءَ سان تاثر ڏنو پيو وڃي ته هي سڀ ڪجهه هڪ ڌر لاءِ ٿي رهيو آهي، ايڊهاڪ ججن جي مقرري سان اهو تاثر نه ڏنو وڃي ته اها عدليه ۾ ڪنهن پارٽي خلاف اٿندڙ راءِ کي بئلنس ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هن لکيو ته مستقل ججن جي مقرري کانپوءِ رولڙي جو شڪار ڪيسن جو بهانو بڻائي ايڊهاڪ ججن جي مقرري نه ٿي ڪري سگهجي. شبلي فراز چيو ته ايڊهاڪ ججن جي مقرري جي تجويز ان ڏينهن آئي جڏهن سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي حق ۾ 5-8 جي فرق سان فيصلو ڏنو هو. شبلي فراز لکيو ته ايڊهاڪ ججن جي چونڊ لاءِ شفاف طريقيڪار اختيار نه ڪيو ويو. الجهاد ٽرسٽ ڪيس کانپوءِ ٽن سالن لاءِ ايڊهاڪ جج مقرر نه ڪيو ويو. هتي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته قانون موجب رٽائرڊ جج کي صرف ان صورت ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ڪري سگهجي ٿو، جڏهن سندس رٽائرمنٽ جو مدو ٽن سالن کان گهٽ هجي. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 182 موجب ايڊهاڪ جج کي سپريم ڪورٽ جي جج جيترا اختيار مليل هوندا آهن.