سپريم ڪورٽ اڪثريتي فيصلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي سياسي پارٽي تسليم ڪندي.عورتن ۽ اقليتن لاءِ خاص سيٽون پي ٽي آءِ، کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو. فيصلو 13 ججن تي ٻڌل فل ڪورٽ جاري ڪيو آهي. جيتوڻيڪ درخواست سني اتحاد ڪائونسل طرفان داخل ڪئي وئي هئي، پر اڪثريتي فيصلي ۾ ان جي درخواست رد ڪئي وئي ۽ اليڪشن ڪميشن جي قدمن کي غير آئيني قرار ڏيندي تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ملڪ ۾ بحث شروع ٿي ويو آھي ته ڇا سپريم ڪورٽ درخواست جي دائري کان ٻاهر ڪو حڪم جاري ڪري سگهي ٿي. بهرحال، ھي فل ڪورٽ جي اڪثريتي ججن جو فيصلو آهي، تنهنڪري ان تي عمل ڪيو وڃي. حڪومتي نمائندن فيصلي کي غير قانوني تھ قرار ڏنو پر نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جو ارادو نھ ڏيکاريو آھي. اليڪشن ڪميشن پڻ نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ جو ڪو اشارو نه ڏنوآهي. پر ملڪ جي حقيقي سياسي ماحول ۽ سمورن عملي رخن کي ڏسندي ڪنھن پاران بھ نظرثاني اپيل وقت جو زيان ۽ سياسي وڇوٽين ۽ تلخين کي وڌيڪ وڌائڻ ھوندو.
اهو حڪم جيئن تھ فل ڪورٽ ڏنو آهي، جيڪڏهن حڪومت يا ڪو ٻيو نظرثاني اپيل داخل ڪندو ته سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ جي اڪثريتي حڪم کي قبول ڪندي، عملدرآمد روڪيو ويندو. ان صورت ۾ نظرثاني اپيل سالن تائين التوا ۾ رهندي ، پر عدالتي حڪم جي باوجود معاملي کي سياسي مصلحت لاءِ اينگھائڻ سان ملڪ جي سياسي بحران ۾ اضافو ٿيندو.انڪري حالتن جي نزاڪت کي سمجھندي اختلافن کي گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن ۽ مفاهمت جو ڪو رستو ڳولڻ گهرجي.
ھن ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فل بينچ سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست رد ڪري ڇڏي، ڇو ته ان وٽ قانوني طورسياسي پارٽي جي حيثيت ناهي، جو هو انهن سيٽن تي دعويٰ ڪري سگھي. بهرحال ان نتيجي تي پهچڻ بعد ججن جي سامهون اهو معاملو هو ته سني اتحاد ڪائونسل جي دعويٰ کي رد ڪرڻ بعد آئين موجب اھي مخصوص سيٽون ڪهڙي پارٽي کي ڏنيون وڃن. اليڪشن ڪميشن چار ھڪ جي اڪثريت سان قومي اسيمبلي ۾ اهي سيٽون ٻين سياسي پارٽين کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. پر ھڪ ميمبر ائين ڪرڻ جي مخالفت ڪئي.جنھن جو مطلب تھ خود اليڪشن ڪميشن ۾ بھ اتفاق نھ ھو تھ اھي سيٽون ڪھڙي جماعت کي ڏنيون وڃن.
سپريم ڪورٽ کي به ساڳئي سوال ۾ ڏکيائي ٿيڻي ھئي. انڪري فل ڪورٽ جي اڪثريت، غير روايتي حڪمت استعمال ڪندي، سياسي صورتحال مطابق ان جي حل ڳولڻ جو فيصلو ڪيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سمورن پاسن ۽ ميدانن کسجڻ باوجود، پي ٽي آءِ 8 فيبروري جي اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.
چونڊ نتيجن کانپوءِ نه رڳو اليڪشن ڪميشن پر خود تحريڪ انصاف به مونجھاري جو شڪار ٿي وئي ۽ سياسي ۽ قانوني طور صحيح فيصلو نه ڪري سگهي. ڪنهن عدالتي فيصلي ۾ اهو اصول طئي نھ ڪيو ھو ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي ناهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ واضح ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ کي انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي چونڊ نشان نه ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو پر اليڪشن ڪميشن کي تحريڪ انصاف کي سياسي ھجڻ کان انڪار جو اختيار نه ڏنو هو.
عدالتي فيصلي مان اهو به واضح ٿئي ٿو ته نھ رڳو تحريڪ انصاف جي قيادت، پر پارٽي سان لاڳاپيل وڏا وڪيل به ان سادي قانوني پاسي تي غور نھ ڪيو ۽ پاڻ کي پارلياماني گروپ طور قبول ڪرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
تازي اڪثريتي فيصلي حقيقت ۾ پي ٽي آءِ کي غلط فيصلي کي درست ڪرڻ جو نئون موقعو ڏنو آهي. حڪومت ۽ نقادن لاءِ اهو قانوني ۽ عدالتي طريقيڪار کان ھٽيل معاملو ٿي سگھي ٿو ، پر جڏهن سوال جو جواب نه هجي ته ان لاءِ ڪو نئون رستو ڳولڻ ۾ ڪو حرج ناهي. موجوده صورتحال ۾ ڏسجي ٿو ته عوام جي اڪثريت تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏنو ۽ عمران خان جا وفادار ميمبر پنهنجي آزاد حيثيت ختم ڪري سندس حڪم تي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿي ويا. ان صورت ۾ اهو طئي ٿيڻو هو ته ڇا ڪا پارٽي جنهن ٽيڪنيڪل مونجهاري ۾ عوام جو مينڊيٽ حاصل ڪيو آهي، ان کي مخصوص سيٽن جي حق کان محروم ڪيو وڃي. اڪثريت جو چوڻ آهي ته اهو ممڪن ناهي. جنهن پارٽيءَ کي عوام ووٽ ڏنو آهي، مخصوص سيٽون به ان پارٽيءَ کي ڏنيون وڃن.
جيتوڻيڪ اهو هڪ سادو فيصلو آهي ، پر اليڪشن ڪميشن جي غلطين سبب سپريم ڪورٽ کي قانوني توڙي سياسي پاسن جو به جائزو وٺڻو پيو. ججن سوال اٿاريو ته ڇا عوام جنهن پارٽي کي وڏي انگ ۾ ووٽ ڏنو آهي، ان کي مخصوص سيٽن جي حق کان اھو چئي محروم ڪيو وڃي ڇو ته ان وقت تي درست فيصلا نه ڪيا.
خوشقسمتيءَ سان عدالت حقيقت پسنديءَ جو رستو اختيار ڪيو ۽ تحريڪ انصاف جي حق کي تسليم ڪندي 15 ڏينهن اندر اسيمبلين ۾ پنهنجي حقيقي طاقت ثابت ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي. سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيل ’آزاد ميمبر‘ هاڻي اليڪشن ڪميشن وٽ نئون حلف نامو جمع ڪرائي تحريڪ انصاف سان وابستگي جو اظهار ڪري سگهن ٿا ۽ پوءِ اليڪشن ڪميشن پڻ عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏيڻ جي پابند آهي. ان فيصلي کانپوءِ تحريڪ انصاف ھاڻي پاڻ هڪ پارلياماني پارٽي طور عوام جي نمائندگي ڪري سگهندي.
سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه رڳو قانوني پر سياسي طور به راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش آهي. فيصلو عوام جي ووٽ جي حق جي احترام جي اصول تي ٻڌل آهي، ان ڪري سياسي پارٽين کي هن موقعي مان فائدو وٺڻ گھرجي.
جيڪڏهن حڪومتي پارٽيون ۽ تحريڪ انصاف عدالتي فيصلي کي سياسي مثبت سوچ جو مظاھرو ڪن تھ ملڪ جو سياسي ماحول بهتر ٿي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن فيصلي پنھنجي پنھنجي کٽڻ يا هارائڻ جو معاملو بڻايو ويو ته پوءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم سان حاصل ڪيل موقعو ضايع ٿي ويندو. تحريڪ انصاف تڪڙو ردعمل ظاھر ڪيو آهي ۽ توپن جو رخ چيف اليڪشن ڪمشنر ڏانهن ڪري ڇڏيو آهي. بهرحال، پي ٽي آءِ، قيادت کي سمجهڻ گهرجي ته ان جي سياسي قوت وڌي آھي، انڪري هن وقت ملڪ کي مشڪلات مان ڪڍڻ جي به اوتري ئي ذميواري حڪومتي پارٽين سميت مٿس پڻ پئي آهي. ھاڻي جيڪڏهن ذميواري قبول ڪرڻ بدران ناڪاري سياسي نعري بازي جو رجحان گهٽ نه ڪيو ويو ته پوءِ حالتون بهتر نه ٿينديون.
سپريم ڪورٽ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن جي ڪارڪردگي تي سخت ردعمل جي حيثيت رکي ٿو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي ان فيصلي جي روشني ۾ پنهنجي پوزيشن تي غور ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ مناسب ٿيندو ته هو پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ته جيئن حڪومت مخالف ڌر سان رابطي ذريعي ڪنهن غير تڪراري شخصيت کي ان عهدي تي مقرر ڪري سگهجي. اهڙي طرح هن ملڪ ۾ سياسي طوفان جي زور کي گهٽائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.جيڪڏهن سڪندر سلطان راجا اڃا به پنهنجي عهدي تي چنبڙيل رھيو ته اليڪشن ڪميشن جي نيڪ نيتيءَ ۽ سندس ڪارڪردگيءَ تي به مسلسل شڪ پيدا ٿيندا رھندا.