1988 جي عام چونڊن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ به حصو ورتو هو، جيتوڻيڪ پارٽي اليڪشن ڪميشن وٽ رجسٽرڊ نه ھئي ان ڪري پارٽي جي پليٽفارم تان ڪوبه چونڊ نه وڙھيو ھئو پر ان زماني ۾ ڪميونسٽ پارٽي سنڌ قومي اتحاد جو حصو ھئي ، ان ڪري پارٽي جي اميدوارن سنڌ قومي اتحاد جي پليٽفارم تان چونڊن ۾ حصو ورتو ھئو، پارٽي جو اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي ٿرپارڪر مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ تان چونڊن ۾ حصو ورتو،
ڪامريڊن فيصلو ڪيو ته ڄام جي چونڊ کي سڄي علائقي ۾ ھڪ وڏي سياسي سرگرمي ۾ تبديل ڪجي ،ان ڪري سڄي سنڌ مان پارٽي سان واڳيل ڪارڪنن کي ٿر پھچائڻ جو فيصلو ٿيو، اسين دادو جا ڪجهھ دوست به مٺي پھتاسين. ڪامريڊ ڄام جي چونڊ مھم سان گڏو گڏ ٿر گھمڻ جو به موقعو ھئو،
ھي اليڪشن به ھڪ دلچسپ اليڪشن ھئي ،جنھن ٿر جي مھمان نوازي کان وٺي رسمن ،ريتن ۽ ٿر ۾ ڪجهھ خاندانن جي سياسي راج نيتي کي به دنيا جي آڏو وائکو ڪيو، ٿر جي سياست تي ٽن خاندانن جو راڄ ھئو،جيڪي ٽيئي ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي خلاف ھئا. ان ۾ ڏيپلي جا ميمڻ غلام محمد لاٽ ،گل محمد لاٽ، ٿر جا مشھور ڪردار ارباب امير حسن ، ارباب غلام رحيم ۽ راڻو چندر سنگھه، ھي ٽيئي پنھنجي چونڊ مھم ۾ اھڙو تاثر ڏيئي رھيا ھئا ته ڄڻ ڪامريڊ ڄام ساقي ٻاھر کان آيو ھجي ، حالانڪه ڪامريڊ ڄام ساقي وارن جو قديمي ڳوٺ جنجھي سندن خاندان جي ئي نالي سان واڳيل ھئو ،1971 واري جنگ ۾ ٿر جي جنھن علائقي تي ھندستان قبضو ڪيو ھئو ان ۾ ھي ڳوٺ به شامل ھئو.
خير ڪامريڊ ڄام جي چونڊ مھم ھلائڻ لاءِ جڏھن اسان مٺي پھتاسين ته ڪجهھ ڏينھن مٺي ۾ ئي رھڻو پيو ھئو، ان زماني ۾ مٺي شھر ايڏو وڏو نه ھئو جيڏو اڄ آھي ،ڇوته ٿر ۾ اڃا روڊن جو ڄار نه ھئو ،کيکڙن جو دؤر ھئو، ھڪ شام جو کيکڙن جي اسٽاپ وٽ چونڊ جلسو ھئو ،جنھن ۾ راڻو چندر سنگهھ خطاب ڪري رھيو ھئو، سندس تقرير ڍاٽڪي ۾ ھئي پر پوءِ به مان ڪنڊ وٺي جلسي ۾ بيھي رھيس، مون کي سندس گھڻيون ڳالھيون ته سمجھه ۾ نه آيون ،پر جيڪو ٿورو گھڻو سمجھه ۾ آيو ته ھو چئي رھيو ته ٿر اسان جو آھي ،ٿر ۾ ٻاھرين ماڻھن جو ڇا وڃي، ياد رکجو توھان جو کائڻ پيئڻ اسان سان آھي ،جي ٿر ۾ رھڻو آھي ته ووٽ اسان کي ڏيڻو پوندو. ھن قسم جي ڳالهھ اڄ جي زماني ۾ ڪير ڪري ھا ته ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ۾ وڏو گوڙ ٿئي جا پر ان ان زماني ۾ راڻي چندر سنگهھ جلسي ۾ سرعام اھا ڌمڪي ڏني ھئي ، راڻو چندر سنگهھ ٿر جي اربابن جو مائٽ به آھي ته عمر ڪوٽ جو راڻو به ھئو ،اڄ ڪلهھ سندس پٽ راڻو همير سنگهھ سوڍو عمر ڪوٽ جو راڻو آھي ،خبرون آھن ته ھن پنھنجي والد راڻا چندر سنگھه جي نالي سان عمر ڪوٽ ۾ يونيورسٽي جي ڪئمپس منظور ڪرائي آھي ، اھا ڪئمپس اڄ ڪلھه سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آھي ، مون ان بحث ۾ حصو وٺندي ايترو لکيو ته راڻي چندر سنگهھ جي ڀيٽ ۾ پٽ حڪمران پارٽيءَ جو حصو آھي ،پر ياد رکڻ گھرجي ته اقتدار خاطر ھنن پارٽيون بدلايون به سھي ھنن پارٽين جي سياست ۾ ٿر ۾ پنھنجو راڄ به قائم ڪري رکيو اھو ۽ اھو به ياد رکڻ گھرجي ته ھي اڳتي به سياسي پارٽيون بدلائي سگھن ٿا. تجويز ڪيل يونيورسٽي ٿر جي ڪنھن تاريخي ڪردار جي نالي سان منسوب ڪجي ته بھتر، اھا يونيورسٽي راڻا چندر سنگهھ يونيورسٽيءَ بدران مسڪين جھان خان کوسو، محمد عثمان ڏيپلائي، روپلو ڪولھي جي نالي سان منسوب ھجي ته ڪيڏو نه سٺو ھوندو.