پاڪستان ۾ فيبروري مهيني ۾ ٿيل جنرل اليڪشن کان پوءِ اڪثريت رکندڙ جماعت پي ٽي آءِ کي تمام گهڻو ڏکيو وقت ڏسڻو پيو. اليڪشن کان پهريان نشان الاٽ نه ڪيو ويو بعد ۾ وري اسيمبلي اندر مخصوس سيٽون نه ڏنيو ويون هيون پوءِ پي ٽي آءِ وارن هڪ حمايت يافته جماعت سني اتحاد ڪائونسل سان معاهدو ڪري اسيمبلي ۾ شامل ٿي ان وقت سني اتحاد ڪائونسل کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ 77 مخصوص سيٽون نه ملنديون اهڙو فيصلو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڏنو هو
مخصوص سيٽن لاءِ سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست رد ڪئي وئي هئي سني اتحاد جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو 4 هڪ جي تناسب سان جاري ڪيو ويو هو فيصلي ۾ اي سي پي اهو چيو هو ته سني اتحاد ڪائونسل عورتن ۽ اقليتن لاءِ مخصوص سيٽن جي حقدار ناهي، چونڊن کان اڳ عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ فهرست جمع ڪرائڻ لازمي هوندي آهي، پر سني اتحاد ڪائونسل درخواست جمع نه ڪرائي هئي، مخصوص سيٽن جي فهرست چونڊن کان اڳ جمع ڪرائڻ قانوني گهرج هوندي آهي، سني اتحاد پاران وقت سر فهرست جمع نه ڪرائڻ قانوني نُقص آهي، جنهن تحت پي ٽي آءِ جي حمايت يافته سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نٿيون ملي سگهن، سني اتحاد ڪائونسل جي ڪوٽا جون مخصوص سيٽون ٻين پارٽين کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.
جنهن بعد پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل گڏجي پشاور هاءِ ڪورٽ جو رخ ڪيو هو جتي به هنن کي مايوس ٿيڻو پيو هو پشاور هاءِ ڪورٽ به مخصوص سيٽن تي فيصلو ساڳيو اليڪشن ڪميشن وارو برقرار رکيو هو.اصل ۾ ڏٺو وڃي ته آئين جي آرٽيڪل 51 ۽ 106 تحت اهي سيٽون خالي رکيون وڃن ها ته بهتر هو آرٽيڪل 106 ۾ واضح آهي ته سياسي پارٽين کي کٽيل جنرل سيٽن جي حساب سان مخصوص سيٽون ملنديون آهن جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پاران مخصوص سيٽن جي درخواست رد ڪرڻ بعد سني اتحاد ڪائونسل قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 77سيٽن کان محروم ٿي هئي، قومي اسيمبلي ۾ عورتن جون 20 مخصوص سيٽون نه مليون هيو جنهن ۾ پنجاب مان 12، ڪي پي مان 8 سيٽون شامل هيون جڏهن ته 3 اقليتي سيٽون به نه ملنديون، سني اتحاد ڪائونسل کي پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جون 24 ۽ 3 اقليتون سيٽون نه ملي سگهيون هيو، ڪي پي اسيمبلي ۾ عورتن جون 21، اقليتن جون 4 سيٽون نه ڏنيون ويون هيون، سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جون ٻه سيٽون به نه ڏنيون ويون هيون. جڏهن ته ان وقت پي ٽي آءِ پاران اليڪشن ڪميشن جو فيصلو غيرآئيني ۽ جمهوريت خلاف قرار ڏيندي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلن بعد پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جتان پاڪستان تحريڪ انصاف کي وڏو رليف مليو آهي
ٽيون ڏينهن سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آھي.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 13 ڄڻن واري لارجر بئنچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو هو،فيصلي ۾ اهو چيو ويو آھي ته تحريڪ انصاف 15 ڏينهن ۾ پنهنجي مخصوص ماڻهن جي نالن جي لسٽ ڏئي.جنهن بعد هن کي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وينديون اهڙي طرح مخصوص سيٽون ملڻ بعد اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ اڪثريتي جماعت بڻجي ويندي سياسي ماهرين اهڙي فيصلي بعد شهباز سرڪار کي ڌچڪو لڳڻ جا اشارا ڏيئي رهيا آهن اهڙا اشارا سچ به ثابت ٿي سهگهن ٿا ڇو ته ڪجھه ڏينهن اڳ سياسي بادشاھ سڏيو ويندڙ صدر زرداري اهو چيو هو ته ن ليگ کي حڪومت هلائڻ نه ٿي اچي.
9 مئي جي واقعن بعد ڏکيائين جو شڪار ٿيل پاڪستان تحريڪ انصاف کي گذريل ھڪ سال دوران ڪالهوڪي فيصلي سان پھريون ڀيرو ايڏو وڏو رليف مليو آھي، قانون جي محاذ تي موجوده وقت ۾ عدالتي فيصلو تحريڪ انصاف جي وڏي فتح سمجھيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان کي سندس سوچ کان وڌيڪ حاصلات ٿي آھي، اھو ان ڪري جو چونڊ نشان رد ٿيڻ کانپوءِ ايوانن ۾ ھن سياسي پارٽي واري جيڪا حيثيت وڃائي ھئي،اھا کيس واپس ٿي آھي، ايندڙ وقت ۾ فيصلو چئلينج ٿئي ٿو يا نه، اھو ته ايندڙ وقت ٻڌائندو، ڇاڪاڻ ته بال ھن وقت اتحادي حڪومت جي ڪورٽ ۾ آھي،مطلب ته ھاڻ تحريڪ انصاف جي جاءِ تي شھباز حڪومت دفاعي پوزيشن ۾ اچي وئي آھي، جنھن جو اندازو قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ جي رد عمل مان لڳائي سگھجي ٿو،جنھن ۾ هن فيصلي کي سياسي قرار ڏيندي چيو آھي ته اتحادي پارٽين کي فيصلو ڪرڻو آهي ته نظرثاني درخواست داخل ڪجي يانه؟. ھو اھا ڳالهھ به شڪايتي انداز ۾ ڪري ويو ته رليف سني اتحاد ڪائونسل وٺڻ وئي هئي پر عدالت اھو پي ٽي آءِ کي ڏنو آهي .
ڏٺو وڃي ته مخصوص سيٽن جي مسئلي جو بنياد پھريان اليڪشن ڪميشن ۽ بعد ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان شايد جنوري مھيني ۾ ٻڌايل فيصلو ھو، جنھن ۾ ھن اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو ۽ تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊ رد ڪندي چونڊ نشان بيٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ھو، نتيجو اھو نڪتو جو تحريڪ انصاف سياسي پارٽي طور چونڊ عمل کان ٻاھر نڪري آزاد اميدوارن ۾ تبديل ٿي وئي هئي، پر ان وقت سڀني کي ڏيندين آڱريون آيون جڏھن انھن آزاد اميدوارن ڪنھن سياسي سڃاڻپ کانسواءِ مختلف نشانن تي 2024 جي عام چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي،جن کي پوءِ مخصوص سيٽن لاءِ سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيڻو پيو هو، پر ان ھوندي به کين مخصوص سيٽون ڏيڻ بدران اھي پ پ، ن ليگ ۽ ٻين پارٽين ۾ ورھايون ويون، جنھن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ٿي هئي، جنھن تي ملڪ جي وڏي عدالت ھاڻ اھو چئي مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏنيون آھن ته اليڪشن ڪميشن پنھنجي ذميداري پوري نه ڪئي آهي.
جيڪڏھن غير جانبدار ٿي صورتحال بابت ڳالھائبو ته اھو چٽو ٿيندو ته نه رڳو اليڪشن ڪميشن پر سياسي پارٽين سميت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان تائين ڪنھن به ان معاملي تي پنھنجي ذميداري نڀائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ، ھڪ سياسي پارٽي جنھن سان ھر ڪنھن جا سوين اختلاف ٿي سگھن ٿا، ان کي چونڊ عمل کان ٻاھر رکڻ جي ايتري عرصي بعد ھاڻ سپريم ڪورٽ چئي ٿي ته ھن ائين نه چيو ھو جيئن اليڪشن ڪمِيشن سمجھيو، فرض ڪجي ته جيڪڏھن اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي ڳالھه سمجھڻ ۾ ڪوتاھي ڪئي ته چيف اليڪشن ڪمشنر کان ٿڏي تي پڇاڻو ڇو نه ڪيو ويو؟جنھن جي اڻڌرائپ تي گھڻي عرصي کان سوال اٿاريا پيا وڃن، ايتري عرصي ۾ جڏھن سياسي بحران وڌي وڻ ٿي ويو، ان بعد اھڙيون ڳالھيون ڪرڻ سمجھه کان ٻاھر آھن، اھو ئي سبب آھي ته حڪومتي ڌر طرفان فيصلي کي سخت تنقيد نشانو بڻايو پيو وڃي.
سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو ھاڻي ٻڌايو آھي، اھو ان کي جنوري ۾ ئي ٻڌائڻ گھرجي ھا، ڇاڪاڻ ته جنھن بنياد تي اي اين پي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ۽ 6 مھينا پارٽي چونڊ ڪرائڻ جي مھلت ملي ھئي، ان آڌار تي ايترو رليف تحريڪ انصاف کي به ڏئي پئي سگھيا، پر ھڪ جھڙي ڪيس ۾ ٻه مختلف فيصلا ڏئي سپريم ڪورٽ پنھنجي غير جانبداري بابت سوال پيدا ڪيا هئا،جيڪو سٺو سنوڻ نه ھو، عدالت جي تڏھوڪي فيصلي کي سياسي قرار ڏنو ويو ھو ۽ ھاڻوڪي فيصلي کي به اھو ئي نالو ڏنو ويو آھي. جيڪڏھن اليڪشن ڪميشن فيصلا صحيح ڪري ھا ته سپريم ڪورٽ ۾ اھڙا ڪيس اچڻ جي نوبت ئي نه اچي ھا، ان ڪري ھر اداري کي جيستائين اڻ ڌريو نه بڻايو ويندو، تيستائين سڌارو نه ايندو،هاڻي موجوده حڪومت کي گهرجي ته فيصلو چئلينج ڪري ٻيھر سياسي ڇڪتاڻ وڌائڻ بدران جمھوري رويي جو مظاھرو ڪندي جمھوريت جي مفاد ۾ فيصلو مڃيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ھڪ ٻئي جي مينڊيٽ جو احترام ڪرڻ ئي اصل جمھوريت آھي.
پر ڪالهھ کان حڪومتي ڌر جا وزير مشير جنهن انداز سان ميڊيا تي موقف ڏيئي رهيا آهن لڳي ٿو ته حڪومت فيصلي تي نظر ثاني درخواست ڏيندي بحرحال هن فيصلي بعد حڪومت جي پريشاني وڌندي ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن پي ٽي آءِ ڪجهھ اتحادي جماعتون گڏ ڪري ويئي ته شهباز سرڪار جو خاتمو ممڪن بڻجي ويندو.