اسان جي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اونهاري جي برساتن بعد قهر جي گرميءَ ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي آهي پر وفاقي حڪومت پاران ڪجهه ڏينهن اڳ پيش ڪيل وفاقي بجيٽ خلاف عوام ۾ ڪاوڙ جيئن جو تيئن پر اڃان به وڌي وئي آهي. هر طرف ماڻهو سوال اٿاري رهيا آهن ته مهانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ عوام کان اڃان وڌيڪ ڪهڙي قرباني ورتي ويندي ۽ غيرضروري مراعتن بخش ۽ ٽيڪس ڇوٽ اشرافن کي ڏنل رعايتون ڪڏهن ختم ٿينديون.هاڻي ته اهو به چيو ٿو وڃي ته ملڪ مٿان آيل معاشي مصيبتون هرڪنهن لاءِ آهن،پريشاني آهي ته سڀني لاءِ آهي پوءِ نوڪري وارن مٿان ئي ٽيڪس جو ايترو بار ڇواڇلايو ويو آهي!؟
بجليءَ جي ڀيٽ ۾ هاڻي سولر پينلز مقابلي ۾ اچي ويا آهن،بجليءَ جي کپت ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي پوءِ به حڪومت پاران بجلي مهانگي ڪرڻ ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.ٻڌايو پيو وڃي ته هاڻوڪي وفاقي بجيٽ بعد لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهون غربت واري لڪير هيٺ اچي ويندا.
مهانگائيءَ هونءَ ته سڄي دنيا کي متاثر ڪيو آهي، پر بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ هن وقت مهانگائيءَ جي اها حالت آهي ته امير طبقي کان سواءِ باقي سڀ طبقو اهو سوچڻ لڳندو آهي ته هو هڪ ويلي کائڻ کانپوءِ ايندڙ وقت ۾ ڇا کائيندو!؟ وچولو طبقو لڳ ڀڳ ختم ٿي ويو آهي ۽ غريب طبقي ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جيڪڏهن اسان روزاني مزدور طبقي جي ڳالهه ڪريون ته انهن جي زندگي آسرن ۾ ۽ صرف خدا جي مدد سان گذري رهي آهي.عوام جي اهڙي حالت جي مقابلي ۾ وزيراعظم سيڪريٽريٽ جو روزانو خرچ 15 ڪروڙ رپيا ٻڌايو پيو وڃي. 13-2012ع ۾ اهو خرچ فقط ٽي لک رپيا روزانه هو، پر هاڻي ان ۾ 500 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي. اسان جي حڪمرانن جي نظر ۾ اهو ئي آهي جنهن کي اسين ترقي چئون ٿا.سست معاشي ترقي، وڌندڙ غربت ۽ معاشي اڻ برابري، اندروني ۽ بيروني سلامتي جي مسئلن ۽ توانائي جي بحران جي باوجود اسان جا حڪمران قومي وسيلن کي ائين تباهه ڪري رهيا آهن ڄڻ انهن جو تعلق دنيا جي امير ترين قومن سان هجي.سڀني کي خبر آهي ته اسان جا حڪمران ۽ طاقتور قوتون بادشاهن وانگر درياءَ دلي سان خرچ ڪندا آهن. ٻئي طرف قوم کي اربين، کربين روپين جو قرضي ڪيو ويو آهي، انهن نام نهاد عوامي مفادن ۽ نام نهاد جمهوريت پسندن لاءِ قرض وٺڻ هڪ نشو ۽ خرچ ڪرڻ هڪ تفريح بڻجي وئي آهي.
ملڪ اندروني توڙي بيروني سوال اٿندو آهي ته آخر اسان جا ماڻهو ٽيڪس ڇو نٿا ڏين؟ان جو سبب اهو آهي ته مغربي جمهوريتن ۾ ماڻهو ڄاڻن ٿا ته ٽيڪس ادا ڪرڻ جا ڪيترائي فائدا آهن. رياست کين تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، انڪم سپورٽ، سوشل سيڪيورٽي، بيروزگاري الائونس، پينشن، هائوسنگ وغيره جون سهولتون فراهم ڪري ٿي. پر پاڪستان ۾ ماڻهن کي اهڙو ڪجهه به نٿو ملي. اهو ته پنهنجي جاءِ تي پر آبادي جي اڪثريت کي پيئڻ جو صاف پاڻي به ميسر ناهي.
ان صورتحال سبب پاڪستان ۾ امير ماڻهو يا ته ٽيڪس جي دائري کان ٻاهر آهن يا وري پنهنجي حقيقي آمدني ۽ اثاثن مطابق ٽيڪس ادا نٿا ڪن. رياست رقم جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ اڻ سڌي طرح ٽيڪس لڳائي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ غريب جيڪي سماج ۾ اڪثريت رکندڙآهن ٽيڪسن جو گهڻو بار انهن مٿان پوي ٿو. اها انتهائي ناانصافي آهي ته جن جي آمدني ٽيڪس جي مقرر حد کان گهٽ آهي انهن تي ودهولڊنگ ٽيڪس ۽ ٻين اڻ سڌي طرح لاڳو ڪيل ٽيڪسن جو بار پوندو آهي.اسان جا حڪمران چون ٿا ته اهي مسئلا ڏهاڪن کان هلي رهيا آهن تنهن ڪري اهي چند مهينن ۾ حاداري ل نه ٿا ٿي سگهن، پر 5 سالن ۾ به (جيڪو ڪنهن حڪومت جو آئيني مدو آهي) ان ۾ طاقتور سرڪاري آفيسرن آڏو حڪومت بيوس نظر اچي ٿي.