سنڌ جو يگانو ڪهاڻيڪار نسيم کرل

تحرير: ابراهيم لاشاري

سنڌ جو هي يگانو ڪهاڻيڪار خيرپور ضلعي جي گمبٽ تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کرل جي مشهور زميندار حاجي عبدالڪريم کرل جي گهر منجهه 29 جون خميس ڏينهن سال 1939ع ڌاري جنم ورتو پڙهيل لکيل گهراڻي جو هي ٻار لا_ڪوڏين سان نپيو ۽ پڙهائي واري عمر کي رسيو ته والد صاحب پنهنجي ئي ڳوٺ منجهه قائم ٿيل پرائمري اسڪول منجهه ويهاريو جتان هن پنج درجا سال 1948ع ڌاري پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ کيس خيرپور جي ناز پائلٽ اسڪول ۽ هاءِ اسڪول خيرپور منجهان مئٽرڪ جو امتحان پڻ پاس ڪيو تنهن بعد هو سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي جو رخ ڪري اتان گريجوئيشن جي سند حاصل ڪري ورتي نسيم کرل صاحب قانون جي اعلي ڊگري ايل ايل بي به پڻ ڪري ورتي هئي پاڻ پڙهائي واري زماني کان وٺي ادب سان جڙيلنظر اچي ٿو مطالعي ڪرڻ بعد معلو ٿئي ٿو ته نسيم کرل صاحب هن شروع منجهه هڪ ڪهاڻي (مهمان ) جي عنوان سان ترجمو ڪئي بعد ۾ هن هڪ ٻئي مٿان ڪهاڻيون لکي مسلسل سنڌي ادب کي آسودو ڪندو رهيو .

ڪافي ڪالم پڻ لکيائين جيڪي ان وقت هفتيوار (جاويد ) جي زينت بڻيا سنڌ جو هي عظيم ڪهاڻيڪار سنڌي سماج جي ڪهاڻي وسيلي عڪاسي ۽ ترجماني ڪندڙ ذاتي دشمني جي ور ]ڙهي ويو.

سندس ادبي ڪم اڄ به نوجوان نسل لاءِ هڪ سبق ۽ مشعل راهه بڻيل آهي، سندس ادبي ڪم منجهان ڪهاڻي واري صنف ايتري ته شهرت عطا ڪئي جو پاڻ اڄ ڏينهن تائين سنڌ جو يگاڻو ڪهاڻيڪار ،عظيم ڪهاڻيڪار ، ٻولي جو بي تاج بادشاهه ڪهاڻيڪار ، سنڌ جو چيخوف ڪهاڻيڪار ، وڏيرو ڪهاڻيڪار جهڙن لقبن سان هيترو وقت گذري وڃڻ باوجود اڄ به ياد ڪيو ٿو وڃي، سندس ڪهاڻين جي مجموعن منجهه شبنم شبنم ، ڪنول ڪنول، چوٽيهون در، اکيون آرسيون ۽ ڊمي ڪمال جو ن ڪهاڻيون اڄ به سنڌي ادب جي سونهن ۾ اضافو ڪيون بيٺا آهن.

نسيم کرل صاحب ڪهاڻين لکڻ مهل پنهنجي ٻولي جو نهايت بهترين استعمال ڪري سهنجا لفظ استعمال ڪري سنڌي سماج جي بهترين عڪاسي پڻ ڪئي آهي سندس ڪهاڻين خوبي اها به آهي ته پاڻ سنڌي زبان جا پهاڪا ، محاورا لفظ ٺيٺ سنڌي ڪتب آندا اٿس هن سماج جي چٽي طرح لفظن ۾ عڪاسي ڪري هر ريت رسم کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي، نسيم کرل صاحب سنڌي سماج منجهه جتي به گندگي ، برائي ڏٺائين ان کي وڻندڙ لفظن جو روپ ڏئي پڌري پٽ ڪري پيش ڪري سماج اڳيان ظاهر ڪيائين سندس ڪهاڻين مان گهڻو تڻو ڳوٺاڻو ماحول ئي نظر اچي ٿو پاڻ ڳوٺاڻو ماحول پيش ڪيو آهي پاڻ چورن جي ٻولي ، ٽانگي واري جي ٻولي ،پوليس واران جو انداز ڪچهري اهڙي ته بهترين نموني سان استعمال ڪئي آهي جو پڙهندڙ ائين محسوس ڪندو ڄڻ نسيم کرل پاڻ انهي واقعي يا قصي جو حصو آهي سندس ڪهاڻين منجهان پهرين مراد ، کڙندا کٽڻهار ، ڪافر جي ڇا ڳالهه ڪجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.