ايران ھڪ پابندي مڙھيل مڙھيل سماج آھي،جتي جي سخت قانون جا فائدا پنھنجي جاءِ تي پر عوام جي خاصي اڪثريت انھن کان باغي پڻ آھي،سخت پابندين ھوندي پڻ ايران ۾ سماجي سطح تي بغاوت جنم وٺندي رھي ٿي. ايران جي حڪومتي اشرافيا جي مخصوص اسلامي ھئڻ بعد انھن ۾ ڪيل درجا بندي موجب ھڪڙا سخت گير آھن،جن کي انتھا پسند ملان چئي سگھجي ٿو، ٻيا وچٿري خيالن جا حامي آھن،جيڪي سماج ۾ سخت گيرن ۽ سڌاري پسندن جي ڀيٽ ۾ گھڻي سختي ۽ وڌيڪ آزادي جي خلاف آھن.ٽين ڌر کي سڌارن جي حامي قرار ڏنووڃي ٿو،جن کي ڪنھن حد تائين مذھبي روشني خيالي چئي سگھجي ٿو.ھاڻوڪو چونڊيل صدر انھن مان سمجھڻ گھرجي.
ايران جي چونڊن ۾ سڌارن جو حامي اڳواڻ مسعود پزشڪيان سخت گير اميدوار سعيد جليلي کي شڪست ڏئي صدر چونڊجي ويو آهي پزشڪيان سڌارن جو حامي ضرورآهي، پر هو لبرل خيالن يا جمهوريت جو حامي نھ آهي.سڌارن جي حمايت ڪندڙ حلقو حڪمران اشرافيه جو ھڪ حصو آھي.جنھن جو خيال آھي تھ رياست جي نظريي جو وچٿرو پاسو ايراني سماج ۽ مذهبي اڳواڻن ٻنهي لاءِ فائدي وارو هوندو.
ايران ۾ 1997ع کان 2005ع تائين سڌارن جا حامين جا حامي اقتدار ۾ رھيا آھن. ان کان پوءِ اھو حلقو 2013ع کان 2021ع تائين صدر حسن روحاني جي اتحادي حڪومت جو به حصو رهيو. حسن روحاني پھرين تھ قدامت پسند هو، پر بعد ۾ وچٿرو خيالن جو حامي بڻيو.
1990ع واري ڏهاڪي کان وٺي ايران ۾ حڪومت مخالف ڪيتريون ئي تحريڪون هلي رهيون آهن جن کي دٻايو ويو آهي. گذريل ٻن ڏهاڪن کان سڌارن جي حامي قوتن کي به سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آھي ۽ ڪيترن ئي اڳواڻن کي جيل ۾بھ وڌو ويو ھو.
جيتوڻيڪ سڌارن جي حامي ڌر اسٽيبلشمينٽ جو حصو آھي پر ان جو ايران جي اقتداري ڍانچي ۾ اثر نالي ماتر آھي.جئين طاقت جي اھم مرڪز رھبر اعليٰ جي آفيس،شوريٰ نگھبان،پاسدراان انقلاب ۽ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ انھن جو اثر بنهھ گھٽ آھي.
جڏھن پزشڪيان چونڊ مهم شروع ڪئي تھ ھن اولھھ جي پابندين تي ڌيان ڏيڻ ۽ معاشي مشڪلات جي معاملن کي مٿي آندو.ھن روس ۽ چين جي ويجهو آڻڻ جي اڳوڻي صدر رئيسي جي پاليسين تي تنقيد ڪندي پزشڪيان جو چوڻ ھو ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ جو واحد رستو ايٽمي معاملي تي اولهه سان ڳالهيون آهن.
چونڊ مهم دوران ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جو بيان سامهون آيو هو، جنهن ھن جو چوڻ ھو تھ جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته آمريڪا سان دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪري ملڪ کي خوشحالي جي رستي تي آڻي سگهجي ٿو، اهي خوابن جي دنيا ۾ رھن ٿا.
ايراني آئين موجب رياست جي سپريم ليڊر آيت الله کي سمورا اهم فيصلا ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي.آيت الله 1979 جي انقلاب جو حصو هو ۽ 1989 کان وٺي رياست جو سپريم حڪمران آهي.هو اسرائيل ۽ آمريڪا جي نظرياتي دشمني، اولهه جي بي اعتمادي ۽ گذريل ٻن ڏهاڪن دوران ’اوڀر ڏانھن لاڙي‘ واري پاليسي جي سرگرم حامي طور مشهور آهي.
ان پاليسيءَ تحت ايران پنهنجي اڻ ڌري پاليسي کي ختم ڪري عالمي سطح تي چين ۽ روس ڏانهن لاڙو ڪري رهيو آهي.
خطي ۾ ايران جي پاليسين جو اهم پهلو قدس فورس جون ڪارروايون آھن. اهو انقلابي گارڊز جو حصو آهي جيڪو ملڪ کان ٻاهر ڪارروايون ڪندو آهي ۽ ان تي صدر جو ڪو بھ سڌو ڪنٽرول ناهي. اها قوت صرف سپريم ليڊر وٽ جوابده آهي.آيت الله خامنه اي ، قدس فورس ڪاررواين کي ملڪ جي سلامتي لاءِ اهم قرار ڏئي چڪو آھي.
بهرحال اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته صدر ملڪ جو سڀ کان وڏو سفير هوندو آهي ۽ سندس ماتحت پرڏيهي معاملن واري وزارت پرڏيهي پاليسيون ٺاهڻ ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. پر عام خيال آھي تھ سڌارن جي حامي ڌر جي لاءِ اقتدار ۾ ھوندي بھ آزاد ڪم ڪرڻ ۽ پاليسين کي لاڳو ڪرائڻ لاءِ ڪو محدود رستو آھي باقي تھ سياسي حڪمت عملي جو ڪم آھي تھ ناممڪن کي ممڪن ڪئين بڻائي سگھجي ٿو.