هڪ کان وڌيڪ ڪمپنين کي بجلي ورڇ ڏيڻ گهرجي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (م ڊ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ بابت پرائيويٽائزيشن کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو ۽ هڪ کان  وڌيڪ ڪمپنين کي بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته هن سال پاور سيڪٽر جا لاسز 600 ارب رپيا آهن، اسان کي پاور ڪمپنين کي 1700 ارب رپيا ڏيڻا آهن جڏهن ته ملڪ جي ڊيولپمينٽ لاءِ بجيٽ ۾ 1400 ارب رپيا آهن، پاڪستان جي معيشت جو سڀ کان وڏو زخم پاور سيڪٽر جا لاسز آهن. ايم ڪيو ايم اڳواڻ جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ضرورت کان وڌيڪ بجلي موجود آهي پر 18، 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي  آهي. جڏهن وڌيڪ بجلي ڏيندا آهن ته وڌيڪ لاسز هوندا آهن ان لاءِ هنن سوچيو ته بجلي ئي گهٽ ڏيو ته جيئن لاسز گهٽجن. اهي سڀ لاسز اهي ادا ڪري رهيا آهن جيڪي بل ڏئي رهيا آهن، اهو نظام ماڻهن جي برداشت کان ٻاهر ٿي ويو  آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته سڀني ڊسڪوز کي پرائيويٽائز ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.