مانجهند(ن ع آ) سن ويجهو 3 پورهيت ڪوئلو ڪڍڻ دوران کاڻ اندر ڪري فوت ٿي ويا، لاکڙا ڪول مائينز ٿاڻي جي حد فتح ڪوئلا ڪمپني ۾ ڪوئلي جي کاڻ مان ڪوئلو ڪڍڻ جي لاءِ 3 پورهيت رسي وسيلي کاڻ ۾ لٿا پئي ته پالڪي جو ڪنڊو نڪري وڃڻ سبب ٽئي پورهيت 200 فوٽ اونهي کاڻ ۾ ڪري پيا، جيڪي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، فوتي ٽنهي پورهيتن جي لاش کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ پوليس توڙي لاڳاپيل انتظاميا کي اطلاع ڏنو ويو پر پوليس سميت ڪا به انتظاميا واقعي واري هنڌ نه پهتي، جنهن کانپوءِ مقامي ماڻهن امدادي ڪاروائين ۾ حصو وٺندي 3 پورهيتن جي لاشن کي کاڻ مان ٻاهر ڪڍيو، ٽنهي فوتي پورهيتن جي سڃاڻپ خان ولي پٺاڻ، حضرت خان ۽ فضل الرحمان پٺاڻ طور ڪئي وئي آهي، فوتين جي لاش جون ضروري ڪاروايون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ذريعن موجب، حادثي واري کاڻ اڳوڻي ايم پي اي ۽ موجوده ٻولهاڙي ميونسپل جي چيئرمين فقيرداد کوسي جي آهي جتي اڪثر ڪري سهولتون جي اڻهوند هجڻ سبب پورهيت کاڻ حادثن ۾ فوت ٿين رهيا آهن پر ڪول مائينز پوليس سميت لاڳاپيل انتظاميا ڪو به قانوني قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي.