اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ ڇنڇر ڏينهن تشدد ۾ زخمي ٿيل پشتون تحفظ تحريڪ جي اڳواڻ ۽ انقلابي شاعر گيلا من وزير زخمن جي سٽ نه سهندي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو. حملي کانپوءِ سندس ساٿين پاران اتر وزيرستان سان واسطو رکندڙ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ آزاد داوڙ ۽ سندس ساٿين کي ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيو ويو هو. تشدد سبب شاعر ۽ اديب گيلا من وزير جي مٿي ۽ جسم جي ٻين حصن تي ڌڪ لڳا هئا، هو اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ داخل هو. ايف آءِ آر موجب گيلا من وزير ۽ آزاد داوڙ وچ ۾ عيد کان اڳ گاڏي جي ٽڪر واري معاملي تي تڪرار ٿيو هو جنهن سبب آزاد داوڙ ۽ سندس ساٿين اسلام آباد ۾ گيلا من وزير تي ڏنڊن سان حملو ڪيو. پشتون تحفظ تحريڪ جي سربراهه منظور پشتين اسپتال ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي گيلا من وزير جي لاڏاڻي جو اعلان ڪيو.