مهانگائي ۽ ٽئڪسن ۾ واڌ تي ڪينيا جي صدر ڪابينا ٽوڙي ڇڏي

نيروبي (م ڊ) ڪينيا ۾ ٽيڪسن ۾ اضافي ۽ مهانگائي تي حڪومت مخالف عوامي احتجاجي مظاهرا جاري رهڻ تي ڪينيا جي صدر وليم  روٽو ڪجهه وزيرن کانسواءِ پنهنجي سموري ڪابينا کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.ڪينيا جي صدر هڪ وسيع بنياد تي حڪومت ٺاهڻ لاءِ مشاورت شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نيروبي ۾ صدر وليم جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي ڪابينا جي وزيرن ۽ اٽارني جنرل کي معطل ڪري رهيو آهي، مرڪزي ڪابينا سيڪريٽري، پرڏيهي وزير، ۽ نائب صدر کي معطل نه ڪيو ويندو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مسلسل عوامي احتجاجن ۽ ڪابينا جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ بعد ڪابينا کي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته گذريل مهيني ڪينيا ۾ ٽيڪسن ۾ اضافي جي تڪراري بل تان احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ٿيو هو جڏهن ته پرتشدد احتجاجي مظاهرن سبب گذريل مهيني 40 کان وڌيڪ مظاهرين مارجي چڪا هئا ۽ سخت عوامي ردعمل بعد ڪينيا جي صدر تڪراري بل واپس وٺي ڇڏيو هو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.