ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندن وٽان)جماعت اسلامي پاران مرڪزي سڏ تي ھالا، ٽنڊو آدم ۽ ٻين شهرن ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، بدامني ۽ بجلي بلن ۾ واڌ سميت ڳرن ٽيڪسن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جماعت اسلامي سنڌ جي مرڪزي اڳواڻن محمد حسين محنتي، محمد امين لاکو، فقير محمد لاکو ۽ ايڊووڪيٽ عاشق ڌامراھه جو چوڻ آهي ته مھانگائي، بدامني بجلي جي ڳرن بلن عوام جو جيئرو رھڻ محال بڻائي ڇڏيو آھي، چونڊ مھم دوران 300يونٽ فري بجلي ڏيندڙ حڪمرانن بجلي گيس جي بلن ۾ مسلسل اضافو ڪري عوام جي زندگي زھر بڻائي ڇڏي آھي. عوام انھن ٺڳ حڪمرانن کي پنھجا وعدا ياد ڏيارين. هوڏانهن ٽنڊوآدم ۾ جماعت اسلامي جي مرڪزي سڏ تي عبدالغفور انصاري، عبدالستار انصاري، مشتاق عادل، حاجي نور حسن، ڪامريڊ محمد خان پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.