ڪارونجھر  خلاف وري اڀا ٿيل ڪات ڪھاڙا ۽ سنڌ جو ردعمل

رپورٽن موجب سنڌ حڪومت جيتوڻيڪ اڳ وانگر وري سنڌي عوام جي سخت احتجاجي ردعمل کان پوءِ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جو فيصلو واپس ورتو آهي پر اسان سمجهون ٿا ته اهو سڀ عوام جي تاءُ کي ٽارڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو. پر ٽيون ڏينهن جي رپورٽن موجب ھڪ ڀيرو ٻيھر  سنڌ دشمن قوتن سنڌ جي وسيلن تي ھٿ صاف ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آھي.جنھن ۾ سنڌ جي پاڻي،  ناڻي، معدنيات، زمين توڻي پھاڙن کي ناس ڪرڻ جي ايجنڊا تي عمل شروع ٿي ويو آھي.ڪجھھ وقت جي ٺاپر بعد وري سنڌ جي عظيم تھذيب جي اھڃاڻ ڪارونجھر کي ٽڪڻ جي لاءِ لالچي ماڻھو حڪمرانن جو پاسو ڪنڊ وٺي پنھنجي خطرناڪ ارادن تي عمل ڪرڻ جو پهھ ڪري چڪا آھن،

جيڪڏھن ملڪ ۾ انصاف ھجي تھ قانون  جي ڪنھن ننڍڙي عدالت ۾ بھ اھو ثابت ڪري سگھجي ٿو تھ ڪارونجھر کي ڪورڻ سنڌ جي ثقافت،سنڌ جي تھذيب ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڀيل آھي،پر ھن وقت تھ سنڌ جو ماڻھو ھڪ اھڙي صورتحال مان گذري رھيو آھي جتي قانون تي بھ عمل نٿو ٿئي.جنھن ڪري ھن طرف سماج ۾ ويڳاڻپ وڌي رھي آھي تھ ٻئي طرف ان جو شديد ردعمل ظاھر ٿي رھيو آھي.

سنڌ جي سمورين سياسي سماجي ڌرين اڳ جيان ھڪ ڀيرو ٻيھر ٿر ۾ واقع عظيم ۽ جھوني پھاڙ ڪارونجھر کي ڪورڻ واري عمل جي مخالفت ڪندي ان عمل کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو آھي تھ ٻئي طرف مفادن جي پوڄاري قوتن وري جبل کي ناس ڪرڻ جو پهھ ڪري ورتو آھي.

قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي، ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي کي هزارن سالن جي تاريخ ۽ تھذيب تي حملو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪارونجھر تي مائيننگ پراجيڪٽ جھڙي سنڌ دشمن رٿا کي رد ڪريون ٿا. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو آهي ته ڪارونجهر صرف هڪ جبل نھ پر سنڌ جي تاريخ آهي، ان تي مائيننگ ڪرڻ تاريخي ميراث کي مٽائڻ آهي.

عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اوڀائي جوڻيجي جو چوڻ ھو  ته ڪارونجهر سنڌ جي شهه رڳ آهي،جنھن کي ٽڪڻ تي سنڌ مزاحمت ڪندي،ھن جو مطالبو ھو تھ ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي.

سنڌ جي نامياري دانشور نصير ميمڻ  جو چوڻ آھي تھ ڪارونجهر حساس ايڪو سسٽم ۽ تهذيبي ورثو آهي، بورنگ ذريعي مائننگ ڪرڻ جا خطرناڪ ماحولياتي ۽ ثقافتي اثر ٿيندا.

اهڙن قديمي آثارن جون دنيا ۾ جديد انوائرمينٽل امپيڪٽ ۽ ايڪولاجيڪل امپيڪٽ اسيسمينٽ سميت اسٽيڊيز ٿينديون آهن. ان جي پويان پوري اسٽيڊي ٿيندي آهي، تڪڙ ۾ بنا ڪنهن اسٽيڊي ۽ کوجنا جي معدنيات ڪڍڻ سان  هڪڙي شاندار تهذيبي ورثي کي هاڃو پهچي سگهي ٿو، هن چيو ته  اھو عمل عدالتي فيصلن جي به توهين هوندي.

ٿرپارڪر بار ايسوسيئيشن جي صدر منور ساگر چيو آهي ته ڪارونجهر جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي، ڪارونجهر جي ڪٽائي جي معاملي تي خاموش نه ويهنداسين، هر صورت ۾ ڪارونجهر لاءِ جنگ جوٽبي.

وڪيل شنڪر ميگهواڙ ڳالهائيندي چيو ته  سندس پٽيشن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بينچ ڪارونجهر جبل کي ھيريٽيج قرار ڏئي چڪي آھي ۽ عدالت حڪم ڏنو هو ته سنڌ حڪومت اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري عدالت ۾ ڪاپي پيش ڪري ٻي صورت ۾  سيڪريٽري سياحت ۽ ثقافت کاتو ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي،جيڪڏهن سنڌ حڪومت اهڙو فيصلو ڪيو ته اهو عدالت جي توهين هوندي.ھن کان اڳ به ڊائريڪٽر جنرل منرلز ۽ مائننگ ڊپارٽمينٽ عدالت ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ته ڪارونجهر جبل جي بابت ڪو به نوٽيفڪيشن نه ايندو.

سنڌ جي عام ماڻھو پاران  سنڌ جي ھڪ آڳاٽي جبل ڪارونجھر جي ڪٽائي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آھي.ھن جھوني پھاڙ جي ڪٽائي ان کان اڳ پڻ ٿيندي رھي آھي،جنھن تي پڻ سنڌ جا ماڻھو وقت بوقت احتجاج ڪندا رھيا آھن،جنھن تي  ڪڏھن حڪومت ۽ انتظاميا وقتي طور ان کي روڪرائڻ جي لاءِ نالي ماتر ڪوشش ڪئي آھي پر ورھين کان جاري اھو سلسلو رڪيو نھ آھي.جنھن مان ثابت ٿئي ٿو تھ ان عمل ۾ ملوث ڌريون گھڻيون سگھاريون آھن يا وري ان عمل کي نھ روڪيندڙن جو بھ ضرور ڪو نھ ڪو مفاد شامل آھي.

دنيا ۾ ماحوليات بابت بحث جاري آھن،ان جي تحفظ جي لاءِ عالمي سطح تي مھم ھلي رھي آھي،انسان ذات کي درپيش خطرن مان ماحول جي توازن ۾ پيدا ٿيندڙ بگاڙ کي وڌيڪ ذميوار قرار ڏنو پيو  وڃي، ائين تھ ناھي تھ انھن معاملن کان وس وارا ڪي بي خبر آھن پر ضرور ڪي مصلحتون آھن،جن جي ڪري ھڪ وڏي ۽ آڳاٽي انساني ثقافت جي اھڃاڻ کي مٽائيندڙن کي روڪڻ ۾ بااختيار ڌريون سنجيدھ نظر نٿيون اچن ۽ ماحوليات جي تباھي واري ڏوھ ۾ بھ شامل ٿي رھيون آھن. جيڪي ماڻھو وطن سان محبت ڪن ٿا اھي ديس جي مٽي،پٿر ۽ وڻن ٽڻن،پکين پکڻن سان پڻ پيار ڪن ٿا،ٿر جو عام ماڻھو تھ ھن جبل کي پنھنجو پساھ سمجھي ٿو ۽ ان جي تحفظ بابت جاکوڙ پڻ ڪندو رھيو آھي،جنھن سان ئي ڪجھھ وقت لاءِ اختيارن اھو عمل روڪيو ھو پر وري اھو سلسلو جاري ساري آھي.

سنڌ جي ھن عظيم ثقافتي ورثي جي  ٿيندڙ ڀيل مان محسوس ٿئي ٿو تھ ھاڻي سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سنڌ جي اھڃاڻن کي ناس ڪندڙ مافيا وڌيڪ سرگرم آھي،

جيڪڏھن اڄ ٿر جي فطري سونھن ۽ سنڌ جي ھن آڳاٽي ورثي کي ٽڪي ٽڪرا ڪيو پيو وڃي تھ سڀاڻي ڪنھن ٻئي اھڙي اھڃاڻ،آثار ۽ سڃاڻپ جو وارو اچڻو آھي ۽ اسين ائين آھستي آھستي سنڌ جي سڃاڻپ ۽ ورثن جي ناس ٿيڻ بعد ھٿ مھٽيندا رھجي وينداسين، انڪري ھن معاملي تي ڪنھن کي بھ ڪا رعايت ڏيڻ بجاءِ ان کي روڪڻ جي لاءِ سنڌ جي ماڻھن کي ھر فورم تي احتجاج کي وڌيڪ سگھارو ۽ منظم ڪرڻ جي ضرورت آھي.

ننگر پارڪر لڳ اوچي ڳاٺ بيٺل هي پهاڙي  109 پهاڙين تي ٻڌل  جبل آھي.جنھن  جي اندر هڪ جدا دنيا۽ ثقافت  آهي، هن جبل کي ڪي ڌريون وڍي ٽڪي ناس ڪري رهيون آهن . هن پهاڙ جي لاءِ چيو ٿو وڃي ته اهو روزانو سوا سير سون اپائي ٿو،اها کڻي هن وقت هڪ ڏند ڪٿا ئي هجي پر ان جو ضرور حقيقت سان  تعلق رهيوآهي، سنڌ جي عوام جي هن جبل سان هڪ  وابستگي آهي، جنهن ڪري ڪارونجهر سان ٿيندڙ ڪنهن به زيادتي تي ماڻهو دلي طور تي هڪ تڪليف ڏيندڙ عمل محسوس ڪري ٿو.

ڪي ملڪيتون ذاتي هونديون آهن ته ڪي وري قومي هونديون آهن اهڙي طرح ٿر جي وارياسي ڌرتيءَ تي هي جبل سموري قوم جي ملڪيت آهي جنهن کي بچائڻ به سموري سنڌ جي ماڻهن جو فرض آهي تھ اھي ميدان تي نڪري اچن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.