ملڪ ۾ اٽي ۽ گوشت سميت ٻين کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌي ويا

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  بجيٽ کانپوءِ مهانگائي جي سونامي اچڻ شروع ٿي وئي، پيڪيٽ واري کير کانپوءِ مرغي جو اگهه به وڌي ويو. لاهور  ۾ مرغي جي گوشت جي قيمت ۾ 37 رپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي، جنهن کانپوءِ اهو گوشت 421 رپيا في ڪلو ٿي ويو، جڏهن ته زنده مرغي جو اگهه 284 رپيا ٿي ويو. پشاور ۾ هڪ هفتي دوران اٽي جو في ڪلو اگهه 20 رپيا وڌي ويو، 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1600 رپين مان وڌي 2000 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته 20 ڪلو فائن اٽي جو اگهه 1800 رپين مان وڌي 2200 رپيا ٿي ويو. واپارين جو چوڻ آهي ته صوبي جي مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ نه ملڻ سبب اٽو مهانگو ٿي رهيو آهي. هوڏانهن ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٽماٽا جو اگهه 400 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو آهي. دڪاندارن جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ۾ ٽماٽن جي گهٽ اچڻ سبب اگهه وڌي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.