اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري انڪشآف ڪيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن واري بل تي عمران خان اسٽينڊ ورتو ۽ قانون واري وزير فروغ نسيم کي بل پارليامينٽ ۾ آڻن جي هدايت ڪئي ته فروغ نسيم آبپارا ۾ منهنجي حاضري لڳرائي ڇڏي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته اسقان جي 9 مئي جي ڪا پلاننگ نه هئي پر لڳي ٿو ته ٻئي پاسي کان پوري پلاننگ هئي، هڪ گڏيل دوست ذريعي رابطو ڪيو ويو، ڌيءُ کي فون آئي ته پنهنجي ماءُ کي چئو ته پي ٽي آءِ ڇڏي ڏئي ۽ 9 مئي جي مذمت ڪري ته اسان کيس ڇڏي ڏينداسين نه ته ٻين جيان هوءَ ماءُ جو ڪيس وڙهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته طاقتور ماڻهن جو خيال هو ته عمران خان به نواز شريف ۽ آصف زرداري جهِڙو آهي پر هنن غلط سمجهيو.