ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي صدر عارف علوي چيو آهي ته اڃا به وقت آهي ته ضد ۽ نفرت ڇڏيو، امن ۽ انصاف ڏانهن وچو، شيرين مزاري ڪوڙ ناهي ڳالهائيندي، مان اهي ڳالهيون هن کان ٻڌي چڪو آهيان، افسوس جي ڳالهه آهي ته اهي ڪير آهن؟ مان ڪنهن جي مذمت ڪريان، ادارو ته منهنجو پنهنجو آهي پر قيادت گمراهي ڏانهن وڌي رهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته مان قيدي نمبر 804 طرفان واعدو ڪريان ٿو ته هو بدلو نه وٺندو درگذر ڪندو ۽ حل ڪڍندو.