ايران ۾ صدارتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ مسعودپزشڪيان صدر چونڊجي ويو آھي. نتيجن موجب ھن سخت گير اڳواڻ سعيد جليلي کي شڪست ڏني آهي.بي بي سي فارسي موجب ملڪ جي اليڪشن هيڊ ڪوارٽرز طرفان صدارتي چونڊن جي ٻئي مرحلي جي نتيجن موجب ٽي ڪروڙ ماڻهن ووٽ وڌا، جن مان ھڪ ڪروڙ 63 لک کان وڌيڪ ماڻهن مسعود پزشڪيان کي ووٽ ڏنو، جڏهن ته سعيد جليلي کي 1 ڪروڙ 35 لک کان وڌيڪ ووٽ مليا.ٻئي مرحلي دوران ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 49 سيڪڙو رهيو.
ياد رهي ته ايران ۾ 28 جون تي صدارتي چونڊون ۾ ڪو به اميدوار گهربل 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو، جنهن کانپوءِ چونڊن جو ٻيو مرحلو 5 جولاءِ تي مڪمل ٿيو.پهرئين مرحلي ۾ ووٽن جي شرح 40 سيڪڙو رهي، جيڪا صدارتي چونڊن جي لحاظ کان سڀ کان گهٽ شرح آهي.ايران ۾ 14هين صدارتي چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ رات 12 وڳي تائين جاري رهي.
ياد رھي تھ ابراهيم رئيسي 2021ع ۾ ايران جو صدر چونڊيو ويو ۽ معمول موجب صدارتي چونڊون 2025ع ۾ ٿيڻيون هيون.پر هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ صدر جي فوت ٿيڻ بعد وقت کان اڳ چونڊون ڪرايون ويون. ايران ۾ چونڊن ۾ سختي ڪئي ويندي آھي، اميدوار علماءَ جي بااثر ڪميٽيءَ کان اجازت وٺي اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو. ملڪ جي عوام ان عمل کان بيزار آهي ۽ عوام جي اڪثريت ووٽ ڏيڻ کان لھرائي ٿي.
مسعوي پزشڪيان ايران جي سخت گير ۽ قدامت پسند حلقن کان ٻاهر هڪ اهڙو اڳواڻ آهي، جيڪو ملڪ جي اندرين ۽ پرڏيهي محاذن تي مختلف حڪمت عملي جو اعلان ڪري رهيو آهي
70 سالن جو مسعود پزشڪيان ايران جي علائقي مهاباد ۾ پيدا ٿيو.هو دل جو سرجن ۽ اڳوڻو صحت وارو وزير آهي.مسعود پزشڪيان واعدو ڪيو آهي ته اولهه سان لاڳاپا بهتر ڪندو ۽ عالمي پابنديون ختم ڪرڻ لاءِ ايٽمي ڳالهين کي بحال ڪندو،ڇاڪاڻ جو ان سان ملڪ جي معيشت خراب ٿي وئي آهي.مسعود پزشڪيان کي سڌارن جي حامي ٻن اڳوڻن صدرن حسن روحاني ۽ محمد خاتمي جي حمايت پڻ حاصل آھي.
مسعود پزشڪيان عورتن کي حجاب پائڻ تي مجبور ڪندڙ ايران جي اخلاقي پوليس کي ”غير اخلاقي“ قرار ڏئي چڪوآهي.ايران ۾ عورتن جي وڏيانگ اھڙي قانون خلاف آواز اٿاريو آھي. چونڊيل صدر جو چوڻ آهي مذهب ۾ ڪنهن سان پڻ لباس جي ڪري سختي ڪرڻ جي اجازت ناهي.مسعودپزشڪيان اڳ ۾ٻن حڪومتن ۾ وزير ۽ پنج ڀيرا ايراني پارليامينٽ جو ميمبر ۽ هڪ ڀيرو نائب صدر رهي چڪو آھي.چونڊ مهم دوران عوام جي لاءِ سماجي انصاف، متوازن ترقي ۽ سڌارن آڻڻ جا وعدا ڪيا.