دانشور طبقو بلڪل صحيح ٿو چئي ته ”سنڌ جاهل سردارن جي گهيري ۾ آهي“

ڪنهن به سماج اندر صاحب راءِ ۽ خاص ڪري درست ۽ اصلاحي راءِ عامه جوڙڻ وارين شخصيتن جي تمام گهڻي اهميت ۽ ضرورت هوندي آهي. عوامي ميڊيا گروپ اهڙين صاحب راءِ جوڙيندڙ ۽ درست راءِ عامه جوڙڻ وارين شخصيتن کان هر دور ۾ اهم اشوز تي پڙهندڙ کي سندن قيمتي راءِ کان ضرور فيضياب ڪرايو آهي. ايئن ڪالهه جي اخبار لاءِ به عوامي آواز ميڊيا ساوند، سندراڻي تڪرار جي جرڳي بابت هڪ سروي ڪرائي سنڌ جي دانشمند حلقي کان سندن قيمتي راءِ معلوم ڪئي جيڪا يقينن سنڌ جي عوام جي سياسي ۽ سماجي شعور ۾ واڌاري جو ڪارڻ بڻبي.

ان اشو تي ڳالهائيندي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ۽ نامياري قانون دان يوسف لغاريءَ تجويز ڏني ته سپريم ڪورٽ جرڳن خلاف ڏنل پنهنجي فيصلي جي ڀڃڪڙي ٿيڻ تي پاڻ مرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي ساڳي طرح سنڌ هاءِ ڪورٽ کي به اهو اختيار آهي. انسانيت جي خون بها جي رقم مقرر ڪرڻ انسانيت ناهي. هن چيو ته آمر ضياءَ جي دور ۾ خون معاف ڪرڻ جهڙا قانون ٺهيا جيڪي اڄ تائين موجود آهن. نامياري دانشور نصير ميمڻ سوشل ميڊيا تي لکيو آهي ته سنڌ جو الميو آهي ته آڱوٺي ڇاپ ماڻهن آرٽيفيشنل انٽيليجينس جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ پروفيسر اجمل ساوند جي زندگي جو ملهه طئي ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار صوبي کي جاهل وڏيرن، ڀوتارن ۽ سردارن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن جي حڪومت سرپرستي پڻ ڪري ٿي. نامياري دانشور جامي چانڊيي سوشل ميڊيا تي لکيو آهي ته افسوس ته جاهل وڏيرا جرڳا ٿا ڪن ۽ عدالتون  خاموش آهن! دانشور ايڊووڪيٽ جي اين کوسي لکيو آهي ته اجمل ساوند جهڙن ماڻهن جو خون بها مقرر ڪندڙن جهڙا سوين سردار به اجمل ساوند جهڙي سائنسدان جي خون بها نٿا ٿي سگهن. دانشور ۽ ليکڪا امر سنڌوءَ سوشل ميڊيا تي لکيو آهي ته جرڳن خلاف تحرڪ هلائڻ جي ضرورت آهي. نامياري ليکڪا ۽ تعليم دان ڊاڪٽر عرفانه ملاح سوشل ميڊيا تي لکيو آهي ته جرڳا نظام سنڌ جي ترقي ۾ تمام وڏي رنڊڪ آهن. هن نظام  ڏوهارين کي تحفظ ڏئي مضبوط ڪيو آهي. ايئن سماج سڌارڪ ۽ دانشور ذوالفقار هاليپوٽي، اجمل ساوند سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته پيارا اجمل ساوند تون بس هڪ ڪروڙ روپين جو آهين، تنهنجو ملهه تنهنجي ڇهن مهينن جي پگهار طئي ڪئي وئي آهي.

هي مٿي ڄاڻايل اهي دانشور آهن جيڪي هر لحاظ کان ڪنهن به حڪومت جي ٿنڪ ٽينڪ بڻجڻ جا حقدار آهن پر افسوس ته پاڻ وٽ دانشور طبقي کان رهنمائي نه وٺڻ سبب حڪومتي نظام مڪمل طور تي فرسودا ۽ زوال پذير بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن هڪ لمحي لاءِ اهو تصور ڪريون ٿا ته ايئن ناهي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حڪومت پاڻ ايئن ڇو نه ٿي سمجهي يا اهڙيون پاليسيون ڇو نه ٿي جوڙي جهڙيون اسان جا دانشور ڏسين ٿا يا سمجهائن ٿا. جيڪڏهن حڪومت جي اهڙي دانشورن واري سوچ هجي ها ته يقينن قبيلائي سردارن کي جرڳن جي اجازت نه ڏئي ها ۽ نه ئي پي ايڇ ڊي هولڊر اجمل ساوند جي قتل جو ملهه صرف هڪ ڪروڙ روپيا مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ها. ٻيو ته جيڪڏهن مختلف برادرين جا جرڳن جا فيصلا ڪرائڻ سنڌ جي وڏيرن جو ذمو آهي ته پوءِ حڪومت ڪهڙي مرض جو دوا آهي. اها به ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته قانوني طور تي سپريم ڪورٽ جرڳن تي پابندي لڳائي آهي پوءِ به ايڏي وڏي سطح جا جرڳا ڇو ٿا ٿين؟ اسان اهو سمجهون ٿا ۽ دانشور طبقو به اهو ئي چوندو رهيو آهي ته هر مسئلي جو حل آئين، قانون ۽ انصاف جي بالادستي ۾ آهي تنهن ڪري آئين، قانون ۽ انصاف کي لاڳو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

بهرحال پاڻ مٿي جنهن صاحب راءِ ۽ راٰءِ عامه جي اهميت ۽ ضرورت جي ڳالهه ڪئي آهي تنهن 21 هين صدي جي سنڌ بابت فتويٰ ڏني آهي ته سنڌ جاهل سردارن جي گهيري ۾ آهي ۽ اهڙن جاهل سردارن جي سرپرستي خود حڪومتون ڪري رهيون آهن. اهي وڏيرا، سردار ۽ جاگيردار جيڪي آڳاٽي دور ۾ ننڍن ڳوٺن تائين محدود هوندا هيا ۽ پنهنجو غير قانوني راڄ هلائيندا هيا تن کي سياسي جماعتن ٽڪيٽون ڏئي اليڪشنن ۾ بيهاري، اسيمبلين اندر آڻي ايم پي اي ۽ ايم اين اي بڻائي سندن وڏيرا شاهي، جاگيرداري ۽ ڀوتارڪي نظام کي قانوني شڪل ڏئي ڇڏي ۽ جڏهن کان ايئن ٿيو آهي ته سياسي جماعتن ۽ حڪومتن تان عوام جو اعتماد ختم ٿي چڪو آهي. جڏهن کان سردار، وڏيرا ۽ جاگيردار حڪومتن ۾ اچڻ شروع ٿيا آهن ته حڪومتي نظام به تباهي جو شڪار ٿي ويو آهي.

جيستائين جرڳائي نظام جو تعلق آهي سو هڪ لحاظ کان ڏسجي ته ڄڻ هڪ رياست ۽ هڪ حڪومت اندر ٻن عدالتن جو وجود هجي ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهڙين غير قانوني عدالتن جو قانوني عدالتون نوٽيس به نه ٿيون وٺن. کين پنهنجي ڪم ۾ ان نوعيت جي مداخلت تي ڪاوڙ به نه ٿي اچي باوجود انجي ته سپريم ڪورٽ اهڙن جرڳن تي پابندي به لڳائي آهي باقي زور رڳو ان ڳالهه تي آهي ۽ رڳو ان ڳالهه جو نوٽيس ورتو ويندو آهي ته سياستدان يا ڪو صحافي عدالتن ۽ ججن جي فيصلن تي سخت تنقيد ڇو ٿا ڪن. پر انهن عدالتن ۽ ججن کي اهو الائي ڇو نظر نه ٿو اچي ته جرڳن جي شڪل ۾ سڄي ملڪ  اندر غير قانوني عدالتون قائم ٿيل آهن.

بهرحال عدالتون ان جو نوٽيس وٺن يا نه وٺن عوامي آواز ميڊيا گروپ ڀوتارڪي نظام خلاف ڪافي سالن کان لاڳيتو مهم هلائي رهي آهي ۽ سنڌ جي عوام جي جديد شعور کي ان مهم ۾ استعمال ڪري درست رخ ۾ جدوجهد ڪري رهي آهي جنهن ۾ نصر الله گڏاڻي جي شهادت ڄڻ ته ان جدوجهد کي فيصلائتي مرحلي ۾ آڻي ڇڏيو آهي. اميد آهي ته عوامي آواز ميڊيا گروپ ۽ سنڌ جو جديد شعور ان جدوجهد کي برقرار رکندي سنڌ کي جاهل سردارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي گهيري مان ڪاميابي سان ڪڍي وٺندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.