ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير نارڪوٽيڪس ڪنٽرول لاءِ تربيت يافته عملي جي ڀرتي جي اجازت ڏئي ڇڏي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ايڪسائيز پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته هو منشيات جي روڪٿام لاءِ ڀرپور ڪم ڪن ۽ ايڪسائيز کاتي کي ضرورتن جي سمري موڪلي وڃي، سنڌ جي وڏي وزير صوبائي وزير جي ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس ونگ لاءِ تربيت يافته عملي کي ڀرتي ڪرڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي ، آهي.نارڪوٽڪس ڪنٽرول بابت اجلاس ۾ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏني.پنهنجي بريفنگ ۾ هن چيو ته ڊرگ مافيا خلاف وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس پوليس سان گڏ آءِ جي پوليس به پوليس اهلڪار فراهم ڪيا آهن، نارڪوٽڪس ۽ سنڌ پوليس منشيات جي روڪٿام لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي.
- 
مٽياري جي ڪچي ۾ آپريشن، 2 ڌاڙيل مارجي ويا
مٽياري/نيوسعيدآباد (ڊ ر+ن ع آ)اڏيرولال اسٽيشن واسي نريش ڪمار جي اغوا واري واقعي ۾ ملوث ٻن ڌاڙيلن کي پوليس پاران مقابلي بعد مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، نيوسعيدآباد جي ڪچي واري علائقي نور ڪيٽي ۾ ڌاڙيلن جي اطلاع تي ضلعي جي چئن ٿاڻن جي ڊي ايس پيز جي اڳواڻي ۾ھالا، نيوسعيدآباد، نور ڪيٽي، مٽياري ٿاڻن جي سوين پوليس اهلڪارن ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو جنهن دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مبينا مقابلي ٿي پيو، ڌاڙيلن ۽پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران گوليون لڳڻ ڪري ٻه خطرناڪ ڏوهاري مارجي ويا، ايس ايس پي مٽياري سيد اصغر علي شاھه موجب ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو آهي جنهن ۾نريش ڪمار کي اغوا ڪندڙ ٻه ڌاڙيل مارجي ويا آهن جن جي سڃاڻپ شفيق کوسو ۽سليم ملڪ طور ٿي آهي جن جو تعلق گهوٽڪي سان آهي.
- 
سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي جو امڪان ناهي: مراد شاهه
ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ ڪامياب دل جي سرجري تي ڊاڪٽرن جي ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيوآهي ته اها وڏي ڪاميابي آهي. گمبٽ انسٽيٽيوٽ جي ماهرن پهريون ڀيرو هائبرڊ ڪورونري ريواسڪيولرائيزيشن ذريعي ٿري ويسل ڪورونري آرٽري ڊزيز جي مرض ۾ مبتلا مريض جو ڪامياب آپريشن ڪيو، مراد علي شاهه چيو ته مان صحت کاتي خاص ڪري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ۽ سندس سموري ٽيم کي ان شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيان ٿو. اسان جي هميشه اها ڪوشش رهندي آھي ته سنڌ صوبي جي عوام کي صحت جي هر بنيادي سهولت فراهم ڪئي وڃي.هن چيو ته اميد آهي ته اسان صحت جي شعبي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي عالمي معيار موجب ماڻهن جي خدمت ڪنداسين . وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته لوڊشيڊنگ ته پوري ملڪ ۾آهي پر سنڌ صوبي سان وڏي ناانصافي ٿيڻ ڪري سنڌ جو عوام وڏي تڪليف ۾ آهي. اھا ڳالهه ھن گذريل ڏينهن سيوھڻ ويجهو ڳوٺ آراضي جي دوري تي پھچڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪئي. وزير اعليٰ چيو ته ٿر مان سنڌ 3 ھزار ميگاواٽ سستي بجلي نيشنل گرڊ کي ڏي رھيو آهي پر ان باوجود گرمي ۾ عوام جي حالت کان سڀ واقف آهن جنهن بابت سنڌ اسيمبلي سان گڏ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو آهي پوري ڪوشش آهي ته ماڻهن کي رليف ڏيون. ھن چيو ته مٽياري جي ھندو واپاري نريش ڪمار جي بازيابي سنڌ پوليس جي وڏي ڪاميابي آهي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي سميت تمام ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽرز ۾ سمارٽ سٽي سسٽم لڳايو ويندو، اھا سمارٽ سسٽم جي ڪاميابي آهي جو نريش ڪمار بازياب ٿيو آهي. سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي جو ڪو به امڪان ڪونهي. ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ماضي ۾ به ڌمڪيون ڏنيون آهن جنهن سان پي ٽي آءِ کي پھرين به نقصان پھتو آهي جمھوريت تي يقين رکڻ وارو سياسي طور ڳالهيون ڪندو آهي وزيراعظم پاران آپريشن عزم استحڪام جي لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس گھرائڻ سٺو قدم آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي شرڪت جو فيصلو سٺي روايت آهي. ان کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه ڳوٺ آراضي پھچي اڳوڻي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ جي ڀيڻ ۽ سيد خان محمد شاھ جي امڙ جي لاڏاڻي تي ساڻن تعزيت ڪئي.
- 
رانوتي جي ڪچي مان 3 پورهيت يرغمال، 2 ڦرلٽ بعد آزاد، هڪ ڄڻو اغوا
رانوتي (رپورٽ: برڪت علي گھنڃو)رانوتي جي ڪچي واري علائقي ۾ نلڪي جو بور هڻڻ لاءِ ويل 3 پورهيت ڏوهارين هٿان يرغمال ٿي ويا، ڏوهارين پاران ٻن ڄڻن کي ڦرلٽ ۽ تشدد ڪرڻ بعد رستي ۾ ڇڏي ڏنو، جڏهن ته هڪ پورهيت نوجوان رمضان ولد سليم ملڪ کي مبينا طور اغوا ڪري کڻي ويا، ان ڏس ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان نلڪي واري مستري سان گڏ مزدوري خاطر ويو ھو، جڏهن ته ڌاڙيل مستري کي مار ڪُٽ ڪري زخمي حالت ۾ ڇڏي اسان جي نوجوان رمضان کي اغوا ڪري ڪڻي ويا آهن، اسين مسڪين مزدور آھيون ڀنگ ڀرڻ جي طاقت ناھي.
- 
گولو دڙي ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي ۽ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو
شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي)ڳرهي ياسين ويجهو گولو دڙي ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي ۽ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي تان 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، آخري اطلاع موجب، لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا، ٻئي طرف علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل پاڻ ۾ وڙهي پيا آهن، جنهن ۾ نثار جکراڻي، رياض جعفري ۽ جتوئي نالي ڌاڙيل مارجي ويا آهن، جڏهن ته اياز جکراڻي زخمي ٿي پيو آهي. جڏهن ته ايس ايس پي شڪار عرفان سمون جي بدلي بعد بدامني ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
- 
پرڏيهه وڃي پنندڙ 2 هزار کان مٿي پاڪستانين جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو
اسلام آباد (م ڊ) حڪومت 2 هزار کان مٿي پينو فقيرن جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. پرڏيهه وڃي پنندڙ پاڪستاني شهرين جا پاسپورٽ 7 سالن لاءِ بلاڪ ڪيا ويندا. ذريعن موجب پرڏيهه وڃي پنندڙ ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجن ٿا، کين پرڏيهه موڪليندڙ ايجنٽن جا پاسپورٽ به بلاڪ ڪيا ويندا. گهڻو ڪري شهري سعودي عرب، ايران ۽ عراق ويندا آهن. اهڙن ماڻهن جي ڄاڻ گڏ ڪئي وئي آهي، گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت طرفان پاليسي جي تياري آخري مرحلي ۾ آهي.
- 
محرم دوران امن امان بحال ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين:سعيد غني
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن جي وزير سعيد غني چيو آهي ته محرم مهيني ۾ ڪراچي سميت سموري سنڌ اندر مڪاني ادارا 24 ڪلاڪ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا. محرم الحرام جي مجلسن ۽ جلوسن جي رستن تي اسٽريٽ لائيٽون، واٽر سپلاءِ، سيوريج جا مسئلا ۽ قالين جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته ماتمي جلوسن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿئي ۽ ڪنهن به شڪايت لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي. هن اها ڳالهه گذريل ڏھاڙي ڪراچي ۾ مختلف امام بارگاهن ۽ ماتمي جلوسن جي روٽس جو دورو ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني نشتر پارڪ، محفل شاهه خراسان، طاهري مسجد، حسنيه امام بارگاهه کھارادر، بڙا امام بارگاهه، باب العلم امام بارگاهه، محسن امام بارگاهه انچولي ۽ ٻين امام بارگاهن جو دورو ڪيو ۽ اتان جي انتظاميا کان محرم جي حوالي سان تفصيلي ڄاڻ ورتي. صوبائي وزير چيو ته محرم الحرام دوران عزادارن کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو ۽ روڊن جي ڪارپيٽنگ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو. سعيد غني چيو ته ڪراچي واٽر بورڊ ڪارپوريشن پاران امام بارگاهن ۽ مجلسن دوران هر صورت ۾ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سمورن امام بارگاهن ۽ جلوسن جي چوڌاري صفائي جو ڪم بهتر انداز ۾ ڪيو پيو وڃي. ھن چيو تھ ڪنهن به قسم جي شڪايتن جي حل لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو سڀني سان رابطي ۾ هوندو. سعيد غني چيو ته سمورن امام بارگاهن جا منتظمين هن وقت تائين ڪيل انتظامن مان مطمئن آهن، بهرحال، ڪجهه مسئلا اڃان بھ موجود آهن، اهي رات دير تائين حل ڪيا ويندا.هن چيو ته ڪراچي اندر ڪي ايم سي، سمورا ٽائون ۽ مڪاني ادارا 24 ڪلاڪ پنهنجون خدمتون جاري رکندا.
 
			