قمبر ڀرسان پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا

قمبر (ت ر) قمبر ڀرسان سال اڳ وڳڻ روڊ تي ڦر دوران قتل ٿي ويل نوجوان الطاف مغيري جو ڀاءُ پلاند ڪري ملا نور محمد مغيري  کي قتل ڪري واپس وڃي رهيو هو ته ٻي ڌر جي فائرنگ ۾ الطاف مغيري جو ڀاءُ فقير محمد مغيري به مارجي ويو، واقعي واري هنڌ سٽي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، ڊاڪٽرن مقتولن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي. ياد رهي ته 7 مهينا اڳ قمبر جي سيشن ڪورٽ ۾ الطاف مغيري جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار نادر مغيري مٿان فائرنگ ڪئي وئي هئي جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو هو اهڙي پراڻي تڪرار تان قمبر شهر خوني تڪرار جو واقعو پيش آيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.