سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ ”سنڌي ادبي سنگت“ جو بنياد ته جيتوڻيڪ ورهاڱي کان اڳ ئي پيو هو، پر ون يونٽ جي ڏاڍ ۽ جبر واري عمل ان تنظيم کي هڪ جوش ۽ جذبي سان ڀريل هڪ تحريڪ ۾ بدلائي ڇڏيو ، هن تنظيم پاران 1956ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي اولهه پاڪستان جي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرائڻ لاءِ هڪ تحريڪ جي شروعات ڪئي وئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکن جي تعداد ۾ صحيحون ورتيون ويون. اپريل 1956ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺايل ارڙهين سنڌي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي سنڌي ادبي سنگت کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ هڪ تنظيمي ڪميٽي جوڙي وئي.
5 جولاءِ 1956ع تي ان ڪميٽي جو ميڙ حيدرآباد ۾ ٿيو. جنهن رٿيل جوڙجڪ بحال ڪري ڪراچي ۾ آل سنگت ڪنوينشن ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهڙي طرح 17 آڪٽوبر 1956ع تي ڪراچي ۽ سنڌ مدرسي ۾ “سنڌي ادبي ڪنوينشن” منعقد ٿيو، جنهن ۾ جمال ابڙو، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، نورالدين سرڪي، اياز قادري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ڪنونيشن پاران ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي ۾ سنڌي پرائمري اسڪول بند ڪرائڻ خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي آئيني حيثيت کي بحال ڪرڻ سنڌي جي واڌاري، سنڌي لائبريريون قائم ڪرڻ ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي ٻولي جو اصلوڪو درجو بحال ڪرڻ سنڌي اديبن کي محنتن جو معاوضو ڏيڻ، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ سنڌي پروگرام بهتر بڻائڻ سنڌي درسي ڪتابن کي آسان بڻائڻ، ريلوي اسٽيشنن تي سنڌي ۾ نالا لکڻ جا ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.
ون يونٽ خلاف سنڌي اديبن جي جدوجهد بابت رشيد ڀٽي وڌيڪ تفصيل سان احوال ڏيندي لکي ٿو ته :”قومپرست سياستدانن سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد ۽ کان پوءِ جنهن پهريون کليو کلايو مخالفت جو قلم کنيو. سي ڪراچي جا اديب هئا سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ پهريون ٺهراءُ پاس ڪرڻ ان منصوبي جي پرزور مخالفت ڪئي. ان بعد ڪراچي جي سنڌي شاگرد تنظيمن ترت موٽ ڏني ۽ ٺهرائن مظاهرن ۽ جلسن رستي مخالفت جو اظهار ڪيو.
ون يونٽ جي قيام تائين سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۽ سياسي هلچل جو مرڪز ڪراچي ئي هئي، ڇو جو اخبارون، رسالا، ثقافتي ۽ ادبي جماعتون هت ئي هيون. ۽ سنڌ جي گادي به ڪراچي ۾ ئي هئي. 22 تارخ نومبر تي ئي شام جو جناح ڪورٽس جي سينٽرل هال ۾ مختلف سنڌي شاگرد تنظيمن جو گڏيل اجلاس ٿيو. جنهن ۾ تقريرن بعد فيصلو ڪري سڄي سنڌ ۾ 24 نومبر تي ”ڪاري ڏينهن“ ملهائڻ جو سڏ ڏنو ويو. ان ڪاري ڏينهن ۾ هڪ نئين جماعت به ڀرپور حصو ورتو جيڪا شاگرد ۽ غير شاگرد نوجوانن جي تنظيم ”سنڌ يوٿ فرنٽ“ هئي هيءَ جماعت ذوالفقار علي ڀٽي جي سربراهي ۾ ٺاهي وئي ۽ ان جا اهم ڪارڪن هئا هادي بخش لاڙڪ، حفيظ لاکو، حفيظ پيرزادو، ۽ مقبول ڀٽي ڊي ايس ايف وارن به سنڌ ۾ سڏ ڏنو ۽ احتجاجي جلوس ۽ جلسي ۾ شرڪت ڪئي. ڪاليجن جي چوڪ (سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج، سنڌ مسلم لا ڪاليج، ڊي جي ڪاليج ۽ اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج) وٽان هڪ وڏو ۽ ڊگهو جلوس تنظيمن پاران ڪارن جهنڊن سان ۽ مطالبن جي بئنرن سان ڪڍيو. جتي اسلاميه ڪاليج جا شاگرد به شامل ٿيا دڳ ۾ فريئر روڊ وارو گورنمينٽ ڪاليج فار وومين به بند ڪرايو ويو بندر روڊ تان ٿيندو ميڊيڪل ڪاليج جا شاگرد به ڪلاس ڇڏي جلوس ۾ شامل ٿيا جلوس سنڌ مدرسي جي هال ۾ ختم ٿيو. جتي مختلف شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن تقريرون ڪري ون يونٽ منصوبي جي سازش جي ڀرپور مخالفت ڪئي.
سنڌ مدرسي ۾ جلسي دوران پوليس گهيرو ڪري ورتو ۽ اسان ستن اٺن کي پڪڙي اچي بولٽن مارڪيٽ ٿاڻي جي لاڪپ حوالي ڪيو ڇهن ستن ڪلاڪن کانپوءِ اسان کي ڇڏيو ويو. اسين سڌو نيو چالي کان ٿيندا الوحيد جي آفيس ۾ آياسين سائين جي ايم سيد، قاضي فيض محمد، حيدر بخش جتوئي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، دين محمد عليگ ۽ ڪجهه نوجوان شيخ عبدالرحيم ۽ لاکي وارا ملول ويٺا هئا خبر پئي ته سرڪار الوحيد جي اشاعت تي ٽن مهينن لاءِ پابندي بندش وڌي هئي. ان ڏينهن ئي شايد رات جو دير سان ون يونٽ منصوبي جي مخالفت جي مهندار سائين جي ايم سيد کي به نظر بند ڪيو ويو. پر سرڪار جي انهن مذمور حملن ۽ حرڪت تحريڪ کي روڪڻ ۾ سڦلتا نه پاتي. الوحيد جي جاءِ ترت ئي حيدرآباد ۾ نجم الدين سريوال جي روزانه ”ڪاروان“ مولوي خير محمد نظاماڻي جي ادارت ۾ نڪرندڙ الوحيد جي جاءِ ڀرڻ شروع ڪئي. ”نئين سنڌي“ ڪراچي به وقت ۽ وسيلن آهر آواز اٿاريندي رهي الوحيد جي اڳين ايڊيٽر مشتاق ابڙي ڪراچيءَ مان هفتيوار ”جدوجهد“ جاري ڪري الوحيد جون ڪي سڪون لاهڻ لڳو، پر جدوجهد اخبار سنڌ ۾ باهه ٻاري ڏني ۽ نڪرڻ سان ئي هٿون هٿ کڄي ۽ کپي ويندي هئي. مقبول ڀٽي جي حيدرآباد مان نڪرندڙ ”وطن“ هفتيوار هن جي نالي جي پسمنظر ۾ سنڌ جو نقشو هوندو هو، جو زنجيرن ۾جڪڙيل هوندو هو، جلد ئي”وطن“ تي به بندش پئجي وئي. ڇو جو ان جون لکڻيون ڪامورا شاهيءَ کي بدهاضمو ڏئي ڇڏينديون هيون. ان وچ ۾ مان ۽ غلام رباني ”نئين سنڌ“ ۾ اچي وياسين شاعرن ۽ اديبن، افسانن، نظمن ۽ بيانن رستي رڻ مچائي ڏنو. تنوير جا نظم: موهن جو دڙو، سسئي ۽ مارئي ڪيترائي دفعا هڪ ٻن هفتن ۾ ڇپيا ستت ئي محمد عثمان ڏيپلائي ”عبرت“ جي پليٽ فارم تي ون يونٽ جي مخالفت ۾ ڪاهي پيو. پراڻي پارٽي ميمبر ڪامريڊ عبدالخالق آزاد ”آواز سنڌ“ نوابشاهه مان ان هلچل جي حمايت ۾ جاري ڪئي. ون يونٽ جي تحريڪ سنڌ اندر قوميت ۽ قومپرستيءَ جو جذبو. جنون جي حد تائين اڀاريو ۽ سنڌ کي لساني، ثقافتي، سياسي اقتصادي ۽ سماجي طور تي هڪ الڳ قوم هئڻ جو احساس ڏياريو ۽ قوميت جي بقا لاءِ منجهن جذبو، جوش ۽ جولان پيد اڪيو ان سلسلي ۾ نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ماهوار “انا” ۽ ذوالفقار راشديءَ جي “مذهب انسانيت” به شروعاتي دور ۾ تعميري ڪردار ادا ڪيو.
1958ع ۾ محمد عثمان ڏيپلائي کي گرفتار ڪيو ويو. ايوبي دور ۾ شريف ڪميشن پاران جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي گهٽايو ويو ته سنڌي ادبي سنگت انهي سازشن خلاف تمام گهڻي جدوجهد ڪئي. 9 نومبر 1963ع تي “يوم سنڌي زبان” ملهايو ويو. 10-11 اپريل سيد قاضي 1965ع تي سکر ۾ سنڌ ادبي سنگت مرڪز جو عام ميڙ ڪوٺايو ويو. جيڪو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال مولانا غلام محمد گرامي جي صدارت هيٺ ٿيو، 2 آڪٽوبر 1956ع تي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي پاران هڪ سنڌي ادبي ڪانفرنس خالق ڏني هال ۾ منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ استقبالي خطبو تاج بلوچ پڙهيو. جڏهن صدارت عبدالڪريم گدائي ڪئي. ان ڪانفرنس ۾ ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي جي تعليمي حيثيت بحال ڪرڻ، ڪينجهر ڍنڍ جو نالو “ڪلري” رکڻ خلاف حيدرآباد جي قلعي جي صفائي ڪرائڻ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان سنڌي پروگرامن جو وقت وڌائڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، ان دور ۾ جنهن ۾ سنڌي اديبن سنڌي ادبي سنگت پاران توڙي انفرادي طور ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ حصو ورتو، انهن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، حميد سنڌي، امداد حسيني، ناصر مورائي، ممتاز مرزا، نسيم کرل، تاج بلوچ، عبدالقادر جوڻيجو، شمشير الحيدري، جمال رند، غلام رباني آگرو ۽ ٻيا پيش هئا. ان سلسلي ۾ سنڌي اديبن مارشل لا جي قهري دور ۾ به ون يونٽ خلاف عوام کي باشعور رکڻ خاطر نه رڳو اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکيا، پر پمفليٽ ۽ هينڊ بل ماڻهن تائين پهچائڻ جو ڪم به پاڻ ئي ڪندا هئا.
غلام رباني آگرو لکي ٿو ته؛ “جمال رند ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ پمفليٽن جي پٺارڪ ساڻ کڻندو هو، ڪو سنگتي ساٿي ساڻ ڪري ريل ۾ چڙهندو هو. جنهن جنهن شهر ۾ دوست هوندا هئس، اتي پمفليٽ ورهائيندو هو، لاڙڪاڻي ۾ سکر کان ڦرندو حيدرآباد اچي بوڇڻ ڇنڊيندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي حيدرآباد جي ڪابه پريس اهڙي قسم جون پمفليٽون ڇپڻ لاءِ تيار ڪا نه هئي، مرحوم عمر ميمڻ ڪو ڪيميا گهر ڳولي لڌو، جنهن نسخو ڏنس ته هڪ چوڪنڊياري ٽين جي ٽن چئن انچن واري ٻڪيري پليٽ کڻو، ان کي رچيل ميڻ سان ڀريو، جڏهن ميڻ ٺري وڃي ته ڪاغذ تي مواد لکو، ان تي چٽڙابو ۽ جلد لاهي وٺو، ڪاغذ تي اکر ٺهي پوندا پوءِ ان تي پنا رکي ڪڍندا وڃو، الاهي ڪاپيون ٺهي وينديون، اسان ايئن ڪيو ڪجهه ڪاميابي ٿي، محمد حسن ڀٽي، جمال رند ۽ مون اهي پنا رات جي اونداهيءَ ۾ گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ ڀتين تي هنيا پري کان ڪو پوليس وارو ايندو ڏسندا هئاسين ته ڪجهه دير لاءِ پاسيرا ٿي ويندا هئاسين.
اهڙي طرح سنڌي صحافين پڻ پاڻ ملهايو، جن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، سيد سردار علي شاهه، محمد خان غني، شيخ عبدالرحيم ۽ ٻيا شامل هئا. شيخ عبدالرحيم جيڪو الوحيد جو نمائندو هو، تنهن نهايت جرئتمندي سان، حڪمرانن کان سنڌ جي حقن ۽ مسئلن بابت سوال جواب ڪيا، هو پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکي ٿو “آئون پهريون شخص هئس، جيڪو الوحيد جو نمائندو هئس، تنهن نهايت جرئتمندي سان حڪمرانن سان سنڌ جي حقن ۽ مسئلن بابت سوال جواب ڪيا، هو پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکي ٿو آئون پهريون شخص هئس، جيڪو الوحيد پاران سرڪاري طور نمائندو تسليم ڪيو ويو هئس، ان نمائندگي جي ڪري جناح صاحب، لياقت علي، ناظم الدين، غلام محمد وغيره سان منهنجيون گهڻيون ملاقاتون ٿيون. غلام محمد سان ته هڪ پريس ڪانفرنس ۾ جهيڙو ڪيم ۽ جڏهن هي “گيٽ آئوٽ” چيو ته باقي اخبار نويس به اٿڻ لڳا، جنهن تي هن معافي ورتي، جهيڙو بئراج جي زمين جي نيڪال تان هو، جڏهن ڪوٽڙي بئراج جي زمين کان مقامي آبادگارن ۽ هارين کي محروم ڪيو ويو ته سنڌي اخبارن سخت احتجاج ڪيو ۽ پرزور ايڊيٽوريل لکيا سيد سردار علي شاهه روزانه “مهراڻ”، 3 مارچ 1958ع جي اداريي ۾ لکيو“ڪوٽڙي بئراج جي تعمير جو اولين مقصد هي هو ته سنڌي ايراضي جي هارين نارين ۽ بي زمين ماڻهن لاءِ آباد زمينون مهيا ڪيون وڃن. انڪري سنڌ جي ماڻهن تي وڏا محصول وجهي ۽ ٻين ترقياتي ڪمن کي نظر انداز ڪري بئراج لاءِ لکين رپيا جمع ڪيا ويا ۽ پبلڪ انهي سموري بار کي برداشت ڪندي رهي جو کيس يقين هو ته جڏهن بئراج جو ڪم تڪميل تي پهچندو، تڏهن سنڌ جي ماڻهن کي ئي ان مان فائدو رسندو پر بئراج جي تعمير ٿي وڃڻ کانپوءِ حڪومت اولهه پاڪستان طرفان زمين جي تقسيم متعلق جيڪا پاليسي مرتب ڪئي پئي وڃي، سا ايتري قدر ته مايوس ڪن آهي. جو اها سنڌي ماڻهن جي اميدن تي پاڻي ڦيري ٿي ڇڏيو. “اهڙي ريت گڊو بئراج جي زمينن جي ڌارين کي الاٽمينٽ تي پڻ شاهه صاحب روزاني مهراڻ- 4 جنوري 16، 1962ع ۾ احتجاجي ادارا لکيا. روزانو “مهراڻ” 8 کان 11 آگسٽ 1967ع جي شمارن ۾ چئن قسطن تي مشتمل ون يونٽ خلاف سخت تنقيدي ايڊيٽوريل لکيا، حافظ خير محمد جي ادارت هيٺ نڪرندڙ اخبار حيدرآباد جولسءَ 1958ع تي “ون يونٽ” جي لعنت ڪيئن ختم ٿيندي جي عنوانن سان سخت تنقيدي ايڊيٽوريل لکيو ۽ پوءِ ان سموري جدوجهد جي نتجي ۾ 50 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي ون يونٽ ختم ٿي ويو.