مانامه (ويب ڊيسڪ) بحرين جي گهرو وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته هن ايراني پاسدارانِ انقلاب سان لاڳاپيل 41 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي.
بحرين جي سرڪاري نيوز ايجنسي گهرو وزارت جي حوالي سان ڄاڻايوآهي گرفتاريون ان وقت عمل ۾ آيون جڏهن سيڪيورٽي اهلڪارن پاسدارانِ انقلاب سان لاڳاپيل هڪ گروپ جو پردو فاش ڪيو.
بحرين جي گهرو کاتي چيو ته فريادي ڌر جي جاچ ۾ ايراني حملن لاءِ ”همدردي“ سان لاڳاپيل ڪيس پڻ شامل آهن.
واضح رهي ته اٽڪل ٻه هفتا اڳ، بحرين جي گهرو کاتي اعلان ڪيو هو ته هن 69 ڄڻن جي شهريت ”ايران جي مخالفاڻي قدمن جي تعريف يا همدردي يا غير ملڪي جماعتن سان لاڳاپا رکڻ“ تي رد ڪري ڇڏي آهي.