تاريخي پس منظر ۾ لفظ نفسيات جي ارتقا جو سفر

تحرير: زينت احمد

نفسيات ( Psychology ) جو ترجمو آھي جيڪو يوناني زبان جي ٻن لفظن ( Psyche ) ۽ ( Logos ) جو مرڪب آھي. (Psyche ) هڪ يوناني لفظ ( Puskhe ) مان ماخذ ٿيل آھي. جنھن جو مطلب آھي ساھ يا روح ۽ ( Logos ) جو مطلب يا منتق آھي پراڻي زماني ۾ تمام علمن کي منطق قرار ڏنو ويندو هئو. اھڙي طرح ( Psychology ) جي مراد علم الروح آھي اسان کي ان علم جي پھريون ڀيرو باقاعده ڄاڻ ارسطو جي ڪتاب ( De Anima ) مان ملي آھي. جڏهن ته سائنسي حلقن ۾ لفظ ( Psychology ) جو استعمال اسان کي ڏهين عيسوي صدي ۾ يورپي ڪتابن مان پھريون ڀيرو ملي ٿو. انگريزي زبان ۾ لفظ ( Psychology )  سڀ کان پھريان خون جي گردش دريافت ڪرڻ واري مشھور انگريزي سائنسدان ( 1578 کان 1657 ع) وليم هاروي ( William Harvey ) ڪيو لفظ ( Psychology ) انگريزي ۾ پھريون ڀيرو 1693ع ۾ استعمال ٿيو. اڻويھين عيسوي صدي تائين هي لفظ يورپي ملڪن ۾ عام ٿي چڪا هئا ۽ پوءِ برصغير ۾ انگريزي علمن جي زير ۔ اثر ھي الفاظ ھن خطي ۾ پڙھيل لکيل طبقي جي استعمال ۾ اچي ويا.

نفسيات کي انگريزي ۾ سائيڪالاجي ( Psychology ) چيو ويندو آھي. سائيڪلوجي جي اصلاح لٽريچر ۾ ڏهين عيسوي صدي ۾ استعمال ٿيڻ شروع ٿي جڏهن ته ان کي سائنسي معنيٰ ۾ سڀ کان پھريان ڪريٽس وول ارڙھين عيسوي صدي جي شروعاتي دور ۾ استعمال ڪيو.

لفظ سائيڪالوجي ٻن يوناني لفظن سائيڪي ( Psyche ) ۽ لوگاس ( Logas ) جو مجموعو آھي سائيڪي جو مطلب، ذات، نفس روح، ذھن وغيره آھي. جڏهن ته لوگاس جو مطلب علم آھي اهڙي طرح سائيڪالوجي جو مطلب روح جو علم بڻجي ٿي.

نفسيات جي تاريخ ۾ جهاتي پائي ڏسبو ته نفسيات جي باري ۾  هڪ عام قول سامھون اچي ٿو ته نفسيات جي ماضي جي تاريخ ته تمام گهڻي طويل آھي پر ان جي تاريخ تمام مختصر آھي. نفسيات جي ماهرن وٽ لفظ نفسيات ھڪ نئين سائنس آھي. جيڪا قديم سوالن جا جواب تالش ڪندي رهي ٿي، پر جڏهن اسان نفسيات جو جائزو وٺنداسين ته ان جي تاريخ پندرنھن ويھه سالن کان وڌيڪ ڪونه آھي. ٻين علمن وانگر نفسيات ڪافي عرصي تائين فلسفي جو حصو رهي آھي. جڏهن ته فطري سائنسي علم فلسفي کان ڪافي وقت اڳ ۾ آزاد ٿي چڪا آھن ان جي مقابلي ۾ نفسيات کي هڪ نئين سائنس سمجهيو وڃي ٿو انھن ڳالھين کي ذھن ۾ رکي مان نفسيات جي مختلف دؤرن جي ارتقا جو مختصر جائزو پيش ڪيان ٿي.

قديم نفسيات: اڄ کان هزارين سال اڳ ۾ انسان مادي لحاظ کان تمام گهڻو پٺتي پيل هيو. ماڻھو شڪار ڪري، ڦل،  ٻوٽا ۽ جڙي ٻوٽيون کائي پيٽ پاليندا هئا. روزگار جي تلاش ۾ مصروفيت جي باوجود ماڻھن پنھنجي ذات ۽ ٻين ماڻھن جي ڪردار جي باري ۾ اهڙا نظريات قائم ڪيا جن کي اسان نفسيات جي ابتدائي شڪل چئي سگهون ٿا. انھن ۾ سڀ کان اڳ ۾ تصور ” روح “ جو عمل دخل آھي. قديم انسان جي خيال مطابق هر ماڻھو جي اندر ۾ ڪا مادي شئي يا ڪو ٻيو فرد موجود آھي، جيڪو بيماري جي صورت ۾ ان جي جسم ۾ داخل ٿي ويندو هئو، جيڪو خواب يا موت جي صورت ۾ ان مان نڪري ويندو هئو ۽ ان صورت ۾ انساني زندگي جو خاتمو ٿي ويندو هئو. ايئن ٿو محسوس ٿئي ته هي تصور الروح جي مذھبي تصور کان ڪافي مختلف آھي. ٻيو هڪ خيال اهو به هئو ته چريائپ جي دورن ۽ جنات، شيطان وغيره جسم ۾ داخل ٿي انسان کي ڪنٽرول ۾ آڻي ڇڏيندا هئا ۽ ان غيبي طاقتن کي انساني جسم مان ڪڍڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا ويندا هئا ۽ هي ڪم جادوگر عامل ۽ هاڻوڪي دور ۾ پير، ملان انجام ڏئي رهيا آھن…!نفسيات سائنسي حساب ۾ ڇا آھي؟ جديد دور جي ماهرن جي مطابق نفسيات ماڻھو جي ڪردار ۽ ذھني افعال جو سائنسي مطالعو آھي. نفسيات جا ماهر ڪردار متعلق ٻن عنصرن يا واقعن جي امڪاني تعلقات جي ترديد يا تصديق ڪن ٿا ۽ پيشن گوئي ( Predictions ) ڪئي ويندي آھي نفسيات ۾ سائنس جا چار بنيادي مقصد آھن جيڪي هيٺ تحرير ڪيان ٿي.

1.بيان جو مسئلو: (Explanation )سائنس ۾ پھريون مرحلو مسئلي جي نشاندهي آھي، ۽ مسئلي کي سادي ۽ آسان لفظن ۾ ھجڻ گهرجي ان مرحلي ۾ نفسيات جا ماهر مسئلي جي باري ۾ ڄاڻ گڏ ڪندا آھن ته جيئن خبر پئي ته ڪھڙا عمل مسئلي جو سبب بڻيا آھن.

  1. 2. وضاحت: (Description )هن مرحلي ۾ نفسيات جا ماهر مسئلي جي وضاحت پيش ڪري ان کي مفروضي جي صورت ۾پيش ڪندا آھن. مطلب ته نفسيات جا ماهر نفسيات جي مسئلي کي ٻن عنصرن يا واقعاتن جي امڪاني تعلقات جي وضاحت ٿيل هوندي آھي.

3.ڪنٽرول: (Control )هن مرحلي ۾ نفسيات جا ماهر تمام سبب ۽ عمل پنھنجي ڪنٽرول ۾ رکندا آھن ته جيئن غير ضروري عمل تربن ۽ تحقيق تي اثر انداز نه ٿين.

  1. 4. پيشن گوئي: (Prediction ) هن مرحلي ۾ نفسيات جا ماهر ڪردار جي باري ۾ پيشن گوئيون ڪندا آھن آھن يعني مستقبل ۾ مثلاََ مخصوص مسئلي پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ ان جا ڪھڙا سبب ۽ اثر ٿي سگهن ٿا ته جيئن ڪردار ۽ ذھني افعالن جي باري ۾ مفيد قانون ۽ اصول دريافت ڪري سگهجن ۽ انھن کي درست طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهجي. مان اميد ڪيان ٿي ته منھنجي هن ”تاريخي پس منظر ۾ لفظ نفسيات جي ارتقا جو سفر“ جي مختصر مضمون مان پڙھندڙ لاڀ حاصل ڪندا ۽ علم نفسيات جي باري ۾ پنھنجي علم ۾ واڌارو آڻي معاشري لاءِ سٺائي جا سبب پيدا ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.