سنڌ سرڪار”ڀرتين جو ڪيس“ وڙھڻ کان اڳ ئي ھارائي وئي !

سنڌ ۾ گذريل ڳچ عرصي کان پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت آھي،پر اھو ڏٺو ويو آھي تھ حڪومت عوام کي سرڪاري نوڪرين ڏيڻ ۾ پڻ سياسي فائدي کي نظر ۾ رکندي آھي.ھئڻ تھ ائين گھرجي تھ جئين ئي حڪومت اچي تھ پنھنجي ڪارڪردگيءَ کي بھتر ڪرڻ جي لاءِميرٽ تي ڀرتي ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري پر مشاھدي ۾ اھا ڳالھھ آئي آھي تھ حڪومت پنھنجي مدي پوري ٿيڻ وقت تڙ تڪڙ ۾ نوڪريون ڏئي ڪري ان کي ايندڙ چونڊن جي حوالي سان فائدو حاصل ڪرڻ چاھيندي آهي.

ھن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ گريڊ 1 کان 15 تائين جي ڪل اٽڪل 54 هزار کان وڌيڪ سرڪاري ڀرتين جي عمل کي رد ڪندي حڪم ڏنو آهي ته سنڌ حڪومت ضلعي  جي بنياد تي ڀرتين جي ضابطن موجب نيون ڀرتيون يقيني بڻائي، گريڊ هڪ کان 4 ۽ 5 کان 15 تائين ڀرتيون ڪيون وڃن ، مستقبل ۾ واڪ ان انٽرويو جي بنياد تي ڀرتي نه ڪئي وڃي، شهري ۽ ٻهراڙي جي 40 ۽ 60 سيڪڙو جي مقرر تناسب کي يقيني بڻايو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت تي ٻڌل سنگل بينچ ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي اھڙو فيصلو ٻڌايو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت پاران آگسٽ 2023ع جي اشتهارن  موجب  ڪيل ڀرتين کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. فاضل بينچ پنهنجي فيصلي ۾ حڪم ڏنو ته سنڌ حڪومت ڀرتين جي ضابطن موجب نيون ڀرتيون يقيني بڻائي ۽ گريڊ 1 کان 15 تائين جي پوسٽن تي ضلعي بنيادن تي ڀرتين کي يقيني بڻائي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته منظور ٿيل پوسٽن جي تعداد کان وڌيڪ نه ڀرتي. نھ ڪئي وڃي.

ياد  رهي ته ڀرتين خلاف درخواست ايم ڪيو ايم داخل ڪئي هئي جنهن ۾ درخواست ڏيندڙ جي وڪيل آگسٽ 2023ع ۾ 54 هزار کان وڌيڪ ڀرتين کي چئلينج ڪيو هو. جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي،ذڪر ڪيل ڪيس تي روڪ جو  حڪم جاري ڪيو ھو.

ان کان اڳ صوبائي حڪومت جي قانون واري سيڪريٽري ذريعي اميدوارن جي ٽيسٽ ۽ انٽرويو ٻيهر وٺڻ لاءِ جوابي تجويز عدالت ۾ جمع ڪرائي هئي. ايم ڪيو ايم جي وڪيل جو چوڻ ھو تھ سنڌ حڪومت طرفان ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر جواب جمع ڪرائيندي عدالت کي ٻڌايو ته جواب جمع ڪرايو ويو آهي.جنھن ۾ چيو ھو تھ حڪومت ٻيھر اشتھار ڏئي ڪري ڀرتي ڪندي ۽ واڪ ان انٽرويو تحت ڀرتي نھ ڪئي ويندي.ھن اھو بھ چيو تھ اھڙو جواب سنڌ حڪومت جي گھرو وزير جي ھدايت موجب جمع ڪرايو ويو آھي.

اھا بھ عجيب ڳالھھ آھي تھ جيڪڏھن حڪومت ميرٽ کي بنياد بڻائي ڪري ڀرتي ڪئي ھئي ۽ قانون  جون سموريون گھرجون پوريون ڪيون ويون ھيون تھ پوءَ سنڌ سرڪار جي نمائندي  ڪيس ڇو نھ وڙھيو،جڏھن معاملو قانون جي عدالت سامھون آيو تھ پوءِ سنڌ سرڪار ايتري ئي جلدي ۾ پنھنجي ھيڏي ساري عمل تان ھٿ ڪئين کڻي وئي.ممڪن آھي تھ ان جا ڪي ٻيا قانون پاسا بھ ھجن پر عام ماڻھو ان جو ھڪڙو ئي مطلب ڪڍي رھيو آھي تھ سنڌ جي ماڻھن کي اھو سکڻو آسرو ڏنو ويو ھو.يا وري ان ۾ سنڌ سرڪار کي ڪنھن نھ ڪنھن بنا تي اھو ڊپ ھو تھ ھنن جو ڪيس ڪمزور آھي.ساڳئي وقت ڀرتي جي ان سموري عمل ۾ عوام جو خاصو وقت توڙي پئسو بھ سيڙجي ٿو،يقينن سنڌ سرڪار جي بھ وڏي رقم لڳي ھوندي پر وري بھ سوال اھو ئي آھي تھ پوءِ اھڙي پريڪٽس ڪرڻ جو فائدو تھ ڪو بھ نھ ٿيو.ڇا حڪومت وٽ پنھنجي عمل کي درست ثابت ڪرڻ جي لاءِ قانون جو گھرجون پوريون نھ ھيون  ؟ جيڪڏھن ائين ئي آھي تھ پوءِ ھن وقت تائين ماڻھن کي ايتري ڊگھي تڪليف جي مرحلي مان ڇو گذاريو ويو.

ڇا ان جو  اھو مطلب نٿو نڪري تھ سنڌ حڪومت قانون جي عدالت ۾ پنھنجو ڪيس وڙھڻ کان اڳ ئي ھارائي وئي.جنھن مان حڪومت وٽ موجود ماھرن يا نوڪرشاھي جي ڪارڪردگيءَ ۽ اھليت تي بھ سوال نھ اٿندا ھوندا ؟

ڀلا  ھيڏي وڏي ان ھڻ ھڻان بعد جڏھن ان ڪيس جو فيصلو عدالت ۾ سامھون اچي ويو آھي تھ لاڳاپيل  اختياريون جن نوڪرين حاصل ڪندڙ ماڻھن جي اميدن جتي جيڪو پاڻي ڦري ويو آھي ان جو بھ ڪو ازالو ڪندي يا عوام کي قانون اھڙو ڪو بھ حق نھ ڏنو آھي.

اميد ڪجي ٿي تھ حڪومت بنا ڪنھن دير ۾ قانون جون گھرجون مڪمل ڪندي نوڪرين ڏيڻ جو  سلسلو شروع ڪندي ڇاڪاڻ جو ھن وقت صوبي ۾ مھانگائي بعد وڌندڙ بيروزگاري جي ڪري نوجوان نسل ويڳاڻپ توڙي ذھني دٻاءَ جو شڪار آھي.

 

ڌاڙيلن جون وڌندڙ ڪارروايون ۽ بي يارومددگار بڻيل عوام

اتر سنڌ ۾ ھميشھ جيان ڌاڙيلن رڻ باري رکيو آھي ۽ انتظاميھ توڙي لاڳاپيل اختياريون ڪي بھ اھڙا قدم نھ پيون کڻن جنھن سان خلق کي ڪو تحفظ جو احساس ٿئي،نھ رڳو ايترو پر مسلسل اغوا  جي ٿيندڙ واقعن کي ھاڻي پوليس معمولي سمجھي ڪري رسمي ڪارروائي ڪرڻ ۾رڌل آھي.

شھر کان ڪنڌڪوٽ ويندي انڊس ھاءِ وي تان اغوا ٿيل 3 ھندو نوجوانن نتيش ڪمار گيھاڻي، سنجي ڪمار ۽ نتيش ڪمار جي بازيابي لاءِ ھڪ ڀيرو وري  غوثپور ۾ شٽربند ھڙتال ڪري ڪاربار بند رکيو، مغوين جي بازيابي لاءِ ھندو پئنچايت، جي يو آءِ، ايس يو پي ۽ سياسي سماجي ڌرين  مقامي اڳواڻن  جلوس ڪڍڻ بعدپريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ۽ پوليس خلاف نعرا ھنيا.

ھنن جو  اھو بھ چوڻ ھو تھ ٽي ڏينهن اڳ هٿيار بندن مين انڊس هاءِ وي تان  ڏينهن ڏٺي جو 3 نوجوانن کي ڪار سميت اغوا ڪري ويا آھن. ھنن الزام ھنيو تھ پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ جوڳا  اپاءَ ناهن ورتا جيڪا سراسر نا انصافي آهي.

سنڌ جي اترين ضلعن ۾ اھو مسئلو اڳي جيان موجود آھي پر سنڌ حڪومت ھن وڌندڙ بدامني ڏانھن گھربل ڌياڻ ڏيڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.جيڪڏھن خلق سان اھو ظلم جاري رھيو تھ ان جو سموري سماج تي گھڻو منفي اثر پوندو.جنھن ڳالھھ جي نزاڪت کي وقت جي حڪومت ھاڻي سمجھڻ لاءِ تيار نھ
آھي.اھو عام ماڻھو جي زندگيءَ ۽ موت جو مسئلو آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.