ڪراچي (رپورٽر ) پرڏيهي ايئر لائن جي جهاز جي ڪراچي ايئرپورٽ تي ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي وئي، ايئر عربيه جو جهاز کٽمنڊو کان شارجا وڃي رهيو هو. ايئر عربيه جي اڏام جي ايئر هوسٽس انس به بيمار ٿيڻ بعد جهاز جي ڪپتان ڪراچي اي ٽي سي کان ايمرجنسي لينڊنگ جي اجازت گهري ورتي. ايئر عربيه جو ميزبان جو تعلق مراکش سان آهي. اڏام دوران هوائي ميزبان جي حالت خراب ٿيڻ سبب ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي، جهاز جيئن ئي پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيو ته ڪپتان فوري طور جهاز جو رخ رحيم يار خان کان ڪراچي ڏانهن موڙي ڇڏيو. ايئر عربيه جي ايئر هوسٽس کي سي اي اي جي ڊاڪٽرن طرفان چيڪ ڪيو ويو پر غير ملڪي ايئر هوسٽس جي حالت خراب ٿيڻ سبب کيس اسٽيڊيم روڊ تي واقعي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو.