ڪنڌڪوٽ پوليس موبائل حادثي جو شڪار، 4 اهلڪار فوت ، 3 زخمي

ڪنڌڪوٽ/غوثپور ( نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ ويجهو غوثپور انڊس هاءِ وي تي مچي ٻنڊو وٽ ايس ايس پي ڪشمور جي اسڪواڊ سان حادثو.  موبائيل وين جو ٽائر راڊ ڦاٽڻ سبب 4 پوليس اهلڪار طالب حسين وقار  علي لاشاري غلام ياسين ۽ محمد اسماعيل گبول 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 3 ڄڻا ظهور احمد لا لا شاهد پٽاڻ عبدالحفيظ اوڳاهي سخت زخمي ٿي پيا جن کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو شهيد ٿيل ٿيلن جا لاش  سول اسپتال ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيا ويا ، شھيد ٿيل 4 پوليس اهلڪارن جي جنازه نماز سرڪاري اعزاز سان ايس ايس پي ڪشمور جي آفيس ۾ ادا ڪئي وئي جنازه نماز ۾ ايس ايس پي ڪشمور ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ رينجرس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن صحافين شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ شرڪت ڪئي وئي  ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي چيو ته شهيد ٿيلن 4 پوليس اهلڪارن بهادر ۽ بي خوف نوجوان هئا پوليس کاتي شهيدن جي خاندانن سان همدردي جو سلسلو جاري رکندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.