عرب ليگ پاران حزب الله دهشت گرد تنظيمن جي لسٽ مان خارج

قاهرا(م ڊ) عرب ليگ لبنان جي هٿياربند تنظيم حزب الله کي دهشتگرد تنظيمن جي فهرست مان ڪڍڻ تي اتفاق ڪري ورتو. عرب ليگ جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل حسام ذڪي مصري ميڊيا تي بيان ڏيندي چيو ته عرب ليگ جي ميمبر ملڪن حزب الله کي دهشتگرد تنظيم نه رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. عرب ميڊيا موجب عرب ليگ 11 مارچ 2016ع تي حزب الله کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو هو. ان کان سواءِ گلف ڪوآپريشن آرگنائيزيشن به مارچ 2016 ۾ حزب الله کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.