نئين دهلي (م ڊ) پاڪستاني عورت سيما حيدر جي چئن ٻارن سميت ڀارت وڃڻ واري معاملي وڌيڪ هڪ نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي، ،ٻارڙن جي والد غلام حيدر جي ڀارتي وڪيل مومن ملڪ پاڪستان ۽ نيپال جي صدر کي خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته سيما حيدر ۽ ٻارڙا پاڻ نه ڀارت نه ويا انهن کي نيپال مان اغوا ڪري ڀارت منتقل ڪيو ويو آهي، چار ٻار 10 مئي 2023 تي پنهنجي ماءُ سيما حيدر سان گڏ نيپال وزٽ تي ويا هئا، ڪهٽمندو ايئرپورٽ تان ٻارڙن کي اغوا ڪري غيرقانوني طريقي سان ڀارت منتقل ڪيو ويو،خط جي متن موجب جوابدار سچن مينا ڀارت جي اتر پرديش ضلعي رابوپورا ضلعي گوتم ٻڌ نگر ۾ 4 ٻارن کي پاڻ وٽ رکيو آهي.مسلمان ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائي سندن مذهب تبديل ڪيو پيو وڃي،ٻارن کي هندستان ڏانهن منتقل ڪرڻ انساني اسمگلنگ جو هڪ ڪيس آهي جيڪو نيپال جي سرزمين تي ٿيو آهي.خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيپال جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي ۽ نيپالي فارينرز ايڪٽ جي به ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.نيپال جي اينٽي هيومن اسمگلنگ ۽ گهرو معاملن واري وزارت کي شڪايت موڪلي آهي ته نيپال حڪومت کي حڪم ڏنو وڃي ته ملزم سچن جي غيرقانوني قبضي مان چئن ٻارن کي بازياب ڪرايو وڃي.