سوات:پوليس حراست ۾ جوابدار توهين مذهب کان انڪار ڪيو: رپورٽ

اسلام آباد(م ڊ) سوات جي علائقي مدين ۾ مڇريل هجوم پاران توهين مذهب جي الزام ۾ هڪ شخص کي ساڙي مارڻ جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي.وفاقي ايجنسي جي رپورٽ موجب هوٽل انتظاميا مبينا جوابدار  سليمان کي ڪمري جو دروازو کولڻ لاءِ چيو، جوابدار دروازو کوليو ۽ توهين مذهب کان انڪار ڪري ڇڏيو، مقامي پوليس جوابدار کي ٿاڻي تي کڻي وئي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار کي ٿاڻي تي کڻي وڃڻ وڏي غلطي هئي، لاڳاپيل ايس ايڇ او ڪنهن به آفيسر کان هدايت نه ورتي ۽ جوابدار کي محفوظ هنڌ منتقل نه ڪيو، پوليس جوابدار  کي 40 منٽن تائين حراست ۾ رکيو، جوابدار اتي به توهين مذهب کان انڪار ڪيو.رپورٽ موجب پوليس بهادريءَ سان ميڙ تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نقصان تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر وڳوڙن دوران سينيئر پوليس آفيسرن يا سياسي اڳواڻن جي غير موجودگي به نقصان جو سبب بڻيو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس ۽ ڌرڻي ۾ جهيڙي دوران نقصان به ٿيو، هوائي فائرنگ ۽ جهيڙي ۾ 11 ڄڻا ۽ 5 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، مدين ٿاڻي جي پوليس موبائل وين کي به باهه ڏني وئي، ان کان علاوه 2 موٽرسائيڪلن ۽ پوليس اهلڪارن کي به نقصان پهچايو ويو. 5 پرائيويٽ گاڏيون پڻ سڙي ويون ٻئي طرف مديني ۾ توهين رسالت جي الزام ۾ هڪ شخص جي قتل ۽ ٿاڻي کي ساڙڻ جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. پوليس توهين رسالت جو ڌار ڌار ڪيس پڻ داخل ڪيو آهي.

  • سوات واقعي جي هر رخ کان  جاچ شروع

سوات (م ڊ) سوات جي علائقي مدين ۾ هڪ شخص کي توهين مذهب الزام هيٺ قتل ڪرڻ واري معاملي جي جاچ شروع ٿي وئي آهي. ان ڏس  ۾ ڊي ايس پي سيد زمان شاهه جو چوڻ آهي ته هڪ شخص کي مبينا توهين مذهب جي الزام هيٺ قتل ڪرڻ ڪنهن سانحي کان گهٽ نه آهي، سيد زمان شاهه وڌيڪ چيو ته جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ سوشل ميڊيا ويڊيوز ذريعي مدد ورتي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي قوم جذباتي آهي، پهرين ڪجهه سوچڻ بدران پوءِ پڇتاءُ ڪندي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به واقعي کي بنا تصديق جي ڦهلائڻ مذهبي توڙي قانوني طور تي غلط عمل آهي.

  • سوات واقعي سبب دنيا پاڪستان تي کلي رهي آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) منصوبا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سوات ۾ هڪ  شهري کي مڇريل هجوم قتل ڪيو آهي،  جنهن جي نتيجي ۾ سڄي دنيا پاڪستان تي کلي رهي آهي، ان واقعي جي جاچ ڪري قومي ايڪشن پلان جوڙيو وڃي، اسان سماج ۾ قانون جي حڪمراني کي لاڳو ڪري سگهون ٿا. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته منهنجي هن ايوان کي گذارش آهي ته ان واقعي جو نوٽيس وٺن ڇو ته اسان جو معاشرو تباهي جي ان ڪناري تي پهچي ويو آهي جتي مذهب جو نالو استعمال ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وڃي ٿي. وفاقي وزير چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته اسلام جنهن اسان کي ڪافر جي لاش جي حرمت جو درس ڏنو آهي، اسان نه رڳو ماڻهن کي هجوم جي صورت ۾  ماريندا آهيون پر انهن جي لاشن کي به باهه ڏيندا آهيون.  وفاقي وزير چيو ته هي اهم معاملو آهي، جيڪڏهن اسان ان جو نوٽيس نه ورتو ته اهو انڪار اسان کي ملڪ اندر ساڙي ڇڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.