سانگھڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ)سانگهڙ ۾ بااثر وڏيري پاران پنهنجي ملازمن سان گڏجي اٺ جي ڄنگهه ڪپڻ واري ڪيس ۾ گرفتار سمورن جوابدارن کي عدالت جيل حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ منگلي پوليس ڇهن جوابدارن دريا خان شر، جعفر جٽ، عابد شر، عبدالشڪور شر، گل بيگ لاشاري ۽ رستم شر کي جوڊيشل اينڊ سول مجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ۾ جوابدارن جي وڪيل ظفر حيات موقف اختيار ڪندي چيو ته منگلي پوليس ريمانڊ بهاني وڌيڪ ڪيس داخل ڪري رهي آهي، عدالت جوابدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ پوليس کي وڌيڪ رماند ڏيڻ بدران جوڊيشل ريمانڊ تي جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي پاسي اٺ مالڪ سومر بهڻ پنهجي وڪيل اياز خاصخيلي معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته اٺ جو مالڪ آئون آهيان پوليس منهنجي فرياد داخل ڪرڻ بدران سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو، واقعي جو مرڪزي ڪردار وڏيرو غلام رسول شر آهي، منگلي پوليس وڏيري غلام رسول شر کي گرفتار نه پئي ڪري عدالت پوليس کي حڪم ڪيو ته 161 تحت بيان قلمبند ڪري ڪيس جي جاچ آفيسر موجب اٺ مالڪ سومر بهڻ جو پوليس 161 تحت بيان رڪارڊ ڪيو آهي.