اسلام آباد (بيورو+م ڊ) سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جي جوڙجڪ خلاف اليڪشن ڪميشن جي درخواست رد ڪندي معاملو لارجر بئنچ جوڙڻ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن آرڊيننس ذريعي ڪم ڪرڻو آهي ته پارليامنٽ کي بند ڪريو، آرڊيننس آڻڻ پارليامنٽ جي توهين آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس نعيم اختر اليڪشن ٽربيونل جي جوڙجڪ خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل سڪندر بشير ۽ پي ٽي آءِ جو وڪيل سلمان اڪرم راجا پيش ٿيا. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير دليل ڏيندي چيو ته 14 فيبروري تي اليڪشن ڪميشن سمورن هاءِ ڪورٽن کي ٽربيونلز جوڙڻ لاءِ خط لکي 20 فيبروري تي ججن جي نالن جي لسٽ طلب ڪئي هئي، جنهن تي ٻن ججن کي نامزد ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. هن چيو ته 26 اپريل تي وڌيڪ ٻه جج اليڪشن ٽربيونل جوڙيا ويا. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته چئن ٽربيونلز جي جوڙجڪ تائين ڪو به تڪرار نه هو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ڇا چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس پاڻ ۾ ملاقات نٿا ڪري سگهن؟ ڇا پاڪستان ۾ هر شيءِ کي تڪراري بڻائڻ ضروري آهي؟ صدر ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ چونڊن جي تاريخ تي به تڪرار پيدا ٿيو، هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار پاران خط ڇو لکيا پيا وڃن؟ جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورين هاءِ ڪورٽن کي خط لکيا، لاهور هاءِ ڪورٽ کانسواءِ ڪٿي به ڪو تڪرار ناهي، بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ٽربيونلز جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ واري آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته ڇا اهو انا جو مسئلو آهي؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان ڇو نه ڳالهايو. آئين ۾ ڪٿي به لکيل ناهي ته جج سان ملاقات نه ٿي ڪري سگهجي، ملاقات ۾ انا جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ٻئي آئيني ادارا آهن، اليڪشن ڪميشن تڪراري ڇو آهي؟ توهان اليڪشن ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا آهيو. وقتي صدر يوسف رضا گيلاني پاران جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن آرڊيننس سان ڪم ڪرڻو آهي ته پارليامنٽ کي بند ڪيو، آرڊيننس آڻڻ پارليامنٽ جي توهين آهي، آئين بلڪل واضح آهي، اليڪشن ڪميشن کي اليڪشن ٽربيونل ٺاهڻ جو اختيار حاصل آهي، آرٽيڪل 219 سيڪشن سي بلڪل واضح ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان هن آئين ۽ قانون تحت حلف کنيو آهي، عدالتي فيصلن تي حلف ناهي کنيو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته هو آرڊيننس جو دفاع نه ڪري رهيو آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس منهنجي ذميواري آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت صدارتي آرڊيننس تي رمارڪس ڏنا ته رٽائرڊ ججن جو قانون ڪڏهن ٺاهيو ويو؟ صدارتي آرڊيننس ذريعي تبديلي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ هڪ طرف پارليامنٽ قانون ٺاهيو آهي، پارليامنٽ جي قانون کانپوءِ آرڊيننس ڪيئن آندو ويندو؟ آرڊيننس آڻڻ جو سبب ڇا هو؟ ڇا اها ايمرجنسي هئي؟ اليڪشن ايڪٽ پارليامنٽ جي خواهش هئي ته هي آرڊيننس ڪنهن جي خواهش هو؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته پارليامنٽ جي اهميت تمام گهڻي آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هن آرڊيننس ذريعي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي لتاڙ ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان کي هاءِ ڪورٽ جي ڪجهه ججن تي اعتراض آهن؟ لاهور هاءِ ڪورٽ بابت اسان اهڙن رمارڪس کي قبول نه ڪنداسين، پارليامنٽ جي قانون کانپوءِ آرڊيننس ڪٿان آيو؟ جيڪڏهن ڪا ايمرجنسي آهي ته اها ٻي ڳالهه آهي، اها به اليڪشن ۾ مداخلت آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سلمان اڪرم راجا کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا هن آرڊيننس کي چئلينج نه ڪيو ويو آهي؟ سلمان اڪرم راجا چيو ته آرڊيننس کي لاهور، اسلام آباد هاءِ ڪورٽن ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته مختلف هاءِ ڪورٽن ۾ ڇو؟ آرڊيننس سڄي ملڪ ۾ لاڳو ٿيندو. سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي نون اميدوارن کي ڌر بڻائڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي، اٽارني جنرل سميت ٻين ڌرين جي وڪيلن جي وڪيلن جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. چيف جسٽس چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مشاورت کان نه روڪي رهيا آهيون. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ سڄي چونڊ عمل کي روڪيو هو، ڇا اليڪشن ڪميشن کي ختم ڪيو وڃي؟ سچيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قانون موجب آهي؟ جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جواب ڏنو ته فيصلو قانون موجب آهي پر مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هاءِ ڪورٽ ڇا ڪيو؟ چيف جسٽس چيو ته فارم 45 جو معاملو اليڪشن ٽربيونل ۾ آهي، ٿي سگهي ٿو اسان وٽ اپيل اچي وڃي، اسان قانون کي ڏسنداسين. وڪيل اڳواڻ نياز الله نيازي چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن اڄ فيصلو ڪري ته ان جو اثر درخواستگذارن تي پوندو، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪجهه درخواستون باوجود ٻڌي رهيا آهيون. جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس واضح چيو ته ٽربيونل جوڙڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي. وڪيل سڪندر بشير چيو ته 1977ع کان اليڪشن ڪميشن اليڪشن ٽربيونل قائم ڪري رهي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ سڄي چونڊ عمل کي روڪيو هو، ڇا اليڪشن ڪميشن کي ختم ڪيو وڃي؟ هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ رٽرننگ آفيسر جي معاملي تي سڄي چونڊ عمل کي روڪي ڇڏيو، توهان پنهنجو ڪم ڪريو ۽ ٻين کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو.
اسلام آباد ( اسد طور) لاھورھاءِ ڪورٽ پاران 8- فيبروريءَ تي ٿيل چونڊن ۾ ڌانڌلين جي الزامن، شڪايتن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جوڙيل اليڪشن ٽربيونلز تاحال تڪرارن جو شڪار، معاملو سپريم ڪورٽ ۾ داخل، سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ٽربيونل ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسى ۽ سندس ساٿي جج نعيم افغان گڏجي ڪري ڪئي، ان موقعي تي اليڪشن گذريل چونڊن ۾ جن نمائندن کي شڪايتون ھيون انھن جو بھ ھڪ وڏ انگ سپريم ڪورٽ ۾ موجود ھيو، جن ۾ مھربانو قريشي، شوڪت بسرا، ڪنول شوزب، تيمور ملڪ، راجا بشارت، سلمان اڪرم ۽ راجا سواتي اھم آھم، جڏھن تھ سڪندر ايدووڪيٽ اليڪشن ڪميشن جي نمائندگي ڪري رھيو ھو، لاھور ھاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ٽربيونلز جي قيام جو اعلان ان وقت لاھور ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس ملڪ شھزاد احمد خان ڪيو ھو جيڪو ھاڻي سپريم ڪورٽ جو جسٽس ٿيو آھي. ٻئي پاسي لاھور ھاءِ ڪورٽ جي قائم ڪيل اليڪشن ٽربيونلز کي غير موثر قرار ڏيڻ لاءِ صدارتي آرڊيننس پڻ جاري ٿي چڪو آھي، ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسى اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر ايڊووڪيٽ کان سوالن جواب ۽ وضاحت دوران قاضي فائز عيسى چيو تھ جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس مان اھو ظاھر آھي تھ انھن جي نيت ۾ خلل ھيو، 2017 ۾ جوڙيل اليڪشن ايڪٽ جنھن ۾ ڪيتريون ئي تبديلون ۽ ترميمون ڪيون ويون اھو ان وقت جي پارليامينٽرين جي ڏاھپ جو ثبوت آھن ، اوھان ان ايڪٽ کي ھن صدارتي آرڊيننس ذريعي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري حالت کي پوئتي موڙڻ چاھيو ٿا جنھن مان اھو صاف ظاھر آھي تھ اوھان اليڪشن ٽربيونلز ۾ پنھنجي مرضيءَ جا ججز کڻڻ پئي چاھيا جن ۾ ڪافي ريٽائرڊ جج پڻ شامل ٿي پئي سگھيا.الڪيشن ڪميشن جي وڪيل کان آڏي پڇا دوران پڇيو ويو تھ، ڇا اوھان اھو ٻڌائي سگھو ٿا تھ اليڪشن ٽربيونل ۾ حاضر ججز کي کڻڻ جو ھڪ طريقو موجود آھي تھ پوءِ آخر ڪار وفاق ۽ صدر کي ريٽائرڊ ججن کڻڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي، اھا ڪنھن جي مرضي ۽ خواھش ھُئي، ڇا اھڙي خواھش پارليامينٽ جي ھئي، جنھن تي اليڪشن ڪمشن جي وڪيل سڪندر ايڊووڪيٽ چيو تھ نھ اھا ڪابينا جي خواھش ھُئي، سندس اھڙي جواب تي قاضي فائز عيسى چيو تھ ان جو مقصد اھا خواھش پارليامينٽ جي قانون سازن جي نھ ھُئي. قاضي فائز عيسى وري اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کان سوال ڪيو تھ ڇا اوھان اھو ٻڌائي سگھندا تھ ملڪ ۾ ڪا ايمرجنسيءَ جھڙي صورتحال آھي جو صدر کي اليڪشن ٽربيونلز متعلق صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي، ان جي جواب ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو تھ نھ اھڙي ڪابھ صورتحال موجود نھ آھي. پٽيشن تي سماعت بعد ڪو بھ واضع فيصلو ٿي نھ سگھيو سواءِ ان جي تھ صورتحال کي نظر ۾ رکندي سپريم ڪورٽ جي ٻئي جج نعيم افغان راءِ پيش ڪئي تھ قائم ڪيل اليڪشن ٽربيونلز ھيٺئين سطح تي شڪايتون ٻڌن ۽ شھادتون گڏ ڪري فيصلي کي محفوظ ڪن ۽ ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مشروط ڪن.