حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب،پ پ پاران بجيٽ منظور ڪرائڻ جي خاطري

اسلام آباد(بيورو+م ڊ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم سان ملاقات ۾ بجيٽ جي منظوري ۾ سهڪار جو يقين ڏياري ڇڏيو،پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، بلاول ڀٽو وزيراعظم کي چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪيو.جڏهن وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو ملاقات ڪئي ته وزيراعظم جي معاونت احسن اقبال، اسحاق ڊار، محمد اورنگزيب، راڻا ثناءُ الله ۽ سعد رفيق ڪئي.بلاول ڀٽو جي  وفد ۾ يوسف رضا گيلاني، خورشيد شاهه، نويد قمر، راجا پرويز اشرف ۽ شيري رحمان شامل هئا.ملاقات ۾ بلاول ڀٽو وزيراعظم کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو.ذريعن موجب بلاول ڀٽو شڪايت ڪئي ته حڪومت اسان کي ڪنهن به فيصلي تي اعتماد ۾ نه وٺي رهي آهي ۽ وفاقي حڪومت سنڌ جي مختلف منصوبن ۾ سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪري رهي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو وفاقي بجيٽ تي اعتماد ۾ نه وٺڻ جو معاملو وزيراعظم آڏو رکيو.بلاول چيو ته پيپلز پارٽي معاهدي تحت حڪومت جي حمايت ڪئي، حڪومت پيپلز پارٽي سان ڪيل معاهدي تي عمل نه ڪيو، پنجاب حڪومت پيپلز پارٽي جا رستا روڪ ڪري رهي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم بلاول ڀٽو جي اڪثر ڳالهين سان اتفاق ڪيو ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽيون به قائم ڪري ڇڏيون،ذريعن موجب وزيراعظم شهبازشريف پيپلز پارٽي کي پرچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پيپلز پارٽي ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، پيپلز پارٽي بجيٽ ۾ حڪومت سان سهڪار ڪندي، آءِ ايم ايف جي شرطن کي نه ڇيڙيو ويندو،پ پ ڏکڻ پنجاب ۾ انتظامي ڪنٽرول جو مطالبو ڪيو ۽ حڪومت کي ياد ڏياريو ته ان پي ايس ڊي پي ۽ بجيٽ جي حوالي سان واعدا پورا ناهن ڪيا، وزيراعظم شهبازشريف بلاول کي کي خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته بجيٽ تي پ پ جا خدشا ختم ڪيا ويندا ۽ پنجاب ۽ سنڌ بابت مطالبا به تسليم ڪيا ويندا، پيپلز پارٽي ۽ حڪومتي ڪميٽيون اڄ ملاقات ڪري معاملا اڳتي وڌائينديون جڏهن ته وزيراعظم سنڌ سان لاڳاپيل پيپلز پارٽي جا مطالبا حل ڪرڻ جو پڻ يقين ڏياريو.اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اجلاس ۾ 25-2024ع جي بجيٽ بابت پيپلز پارٽي سان وڌيڪ صلاح مشورا ڪيا ويا.بيان موجب وزيراعظم چيو ته معيشت ۾ مثبت انگ اکر اچي رهيا آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي واڌ واپاري طبقي طرفان بجيٽ جي توثيق آهي، اسان سمورين سياسي پارٽين کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏ ڪيو آهي. عوامي ڀلائي جو ڪم ڪرڻو پوندو.وزيراعظم چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.