اسرائيل حامي گروپ سان سيلفي ڪڍرائڻ تي شاهد آفريدي تي تنقيد

لنڊن(م ڊ) اسرائيل نواز گروپ جي اڳواڻن سان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل تصوير تي اڳوڻي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي جو رد عمل سامهون اچي  ويو آهي، قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان صهيوني تحريڪ جي حمايت جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.اسرائيل نواز تنظيم فرينڊز آف اسرائيل (ايف او آءِ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي سان گڏ هڪ تصوير پوسٽ ڪئي، جنهن جي ڪيپشن ۾ چيو ويو آهي ته آفريدي اسان جي يرغمالين جي آزاديءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.وائرل ٿيل تصوير تي ردعمل ڏيندي شاهد آفريدي مداحن کي اپيل ڪئي ته اهي انٽرنيٽ تي اپ لوڊ ڪيل هر ڳالهه تي يقين نه ڪن.مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئٽر) تي پنهنجي پوسٽ ۾ آفريدي لکيو ته ”مانچسٽر (برطانيه) جي هڪ گهٽيءَ تي هلندي هڪ مداح توهان کان سيلفي گهري ۽ پوءِ ٿوري دير بعد صهيونسٽ تحريڪ جي حمايت ڪندي تصوير جوڙي ڇڏي،هن چيو ته ”فلسطين ۾ بيگناهه ماڻهن کي ڏکوئيندڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، تنهنڪري مانچسٽر ۾ پوسٽ ڪيل ڪا به تصوير ڪنهن به صورتحال لاءِ منهنجي حمايت جي عڪاسي نٿي ڪري، جتي انساني زندگيون خطري ۾ آهن،“ هن وڌيڪ چيو.اسرائيل حامي گروپ جواب ڏنو ته ”توهان رضامندي سان اسان سان ڳالهايو ۽ اسان جي مقصد جي حمايت لاءِ ’يرغمالي پمفليٽ‘ سان هڪ سيلفي ورتي ،“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.