بڊاڻي ويجهو ڌاڙيلن جي حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو، 2 جوان زخمي

بڊاڻي (رپورٽ :مقبول مڙل( بڊاڻي ويجهو مياڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهاري ٽولي پوليس مٿان حملو ڪري ڏنو، حملي ۾ گنڊير پوليس پڪٽ چوڪي تي ڊيوٽي ڏيندڙ هڪ اهلڪار غلام مصطفيٰ راڄپر مارجي ويو، ۽ 2  اهلڪار صدام حسين سيال ۽ راجا خان راڄپر زخمي ٿي پيا،  زخمي پوليس اهلڪارن کي ڪشمور کان لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو، اطلاع ملڻ بعد ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي نفري سميت مياڻي ٿاڻي پهچي ويو، رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروھي ڳالھائندي چيو ته زخمي پوليس جي جوانن جا حوصلا بلند ھئا ھنن زخمي ٿيڻ بعد به جوابي فائرنگ ۾ ٻن ڏوھارين کي زخمي ڪري ڇڏيو، جنھن بعد ڏوھاري زخمين کي کڻي فرار ٿي ويا، پوليس پويان ويل آھي، جلد ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني ويندي. ٻئي پاسي ايس ايس پي ڪشمور واقعي واري ھنڌ پھچي تفصيل معلوم ڪرڻ بعد فرضن ۾ ڪوتاھي ڪرڻ تي ايس ايڇ او مياڻي اميد علي جاڳيراڻي کي معطل ۽ وڏي منشي نياز لغاري کي ڊسمس ڪري ڇڏيو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ناھي ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.