اسلام آباد (م ڊ)اسلام آباد جي نمل يونيورسٽي ۾ هندو شاگرد عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويو، ڪوهاٽ واسي ملان طاهر نمل يونيورسٽي جي شاگرد ٿر واسي معذور هندو نوجوان نوشاد کي ڳئون جو گوشت کارائڻ لاءِ کڻي پهچي ويو ۽ کيس زبردستي کارائي مذهب تبديل ڪرڻ جو زور ڀريائين.شاگرد جي شڪايت تي اسلام آباد پوليس زبردستي تبليغ ڪندڙ ڪوهاٽ واسي ملان طاهر ۽ هاسٽل جي چوڪيدار کي گرفتار ڪري ورتو، ملان طاهر پاران لکت ۾ معافي نامو جمع ڪرائڻ بعد کيس آزاد ڪيو ويو.