جيڪب آباد (رپورٽ:حضور بخش سومرو) جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد اولڊ ڪاليج روڊ ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، اولڊ ڪاليج روڊ ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ ٻن موٽرسائيڪل سوار هيلمٽ پاتل پنجن هٿياربندن ڪورٽ حاضري تي ويندڙ پنهنجي ئي برادري جي تعلقي ٺل جي جونگل واسين منير احمد پھوڙ، حيات پھوڙ ۽ نصير پهوڙ مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ منير پهوڙ، حيات پھوڙ ۽ نصير پهوڙ ٿڏي تي ئي موقعي تي مارجي ويا، پوليس موجب، 2016 ع ۾ زميني تڪرار تان مارجي ويل شهمير پهوڙ جي قتل ڪيس ۾ 3 ڄڻا ڪورٽ ۾ حاضري لاءِ اچي رهيا هئا ته پنهنجي ئي برادري جي ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، هوڏانهن ايس ايس پي جيڪب آباد سيد سليم شاهھ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او سٽي کي سمورا جوابدار جلد از جلد گرفتار ڪرڻ جي احڪام جاري ڪري ڇڏيا آھن.