اسلام آباد (م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته سڀني کي خبر آهي ته ٽئڪس ڪير پيو وٺي. سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيتر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏين تي ٽئڪس جي شرح وڌائڻ جي مخالفت ڪئي. اجلاس ۾ سينيٽر فيصل واوڊا ايف بي آر چيئرمين زبير امجد ٽوانا سان ڳنڍجي پيو. فيصل واوڊا چيو ته سڄي دنيا ۾ اليڪٽرڪ گاڏين کي هٿي ڏني پئي وڃي، پر اسان وٽ خبر ناهي ته ڪير ٿو پاليسي ٺاهي، جڏهن پاليسي تي نظرثاني ٿيندي آهي ته مسئلا وڌي ويندا آهن. ايف بي آر چيئرمين چيو ته اڍائي ڪروڙ رپين کان مٿي جي گاڏين تي 25 سيڪڙو سيلز ٽئڪس لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن تي فيصل واوڊا چيو ته ٽئڪس ۽ پاليسين جي تبديليءَ سبب هن ملڪ ۾ صنعتون ڪير به لڳائڻ لاءِ تيار ناهي. بجيٽ ۾ ٽئڪس لاڳو ٿيڻ سان سڄي پاڪستان ۾ پراپرٽي مارڪيٽ بيهجي ويو آهي، هاڻي عام ماڻهو گهر خريد نه ڪري سگهندو. ايف بي آر سربراهه چيو ته پگهاردار طبقي تي 35 سيڪڙو ۽ نان سيلري ڪلاس تي 45 سيڪڙو تائين ٽئڪس لاڳو ڪئي وئي آهي، پراپرٽي سيڪٽر ۾ فائلر لاءِ 15 سيڪڙو ۽ نان فائلر لاءِ 45 سيڪڙو ٽئڪس آهي، پراپرٽي سيڪٽر ۾ ٽئڪس جي شرح مناسب آهي. فيصل واوڊا چيو ته پراپرٽي تي ٽئڪس وڌائڻ سان عام ماڻهو گهر ڪيئن ٺاهيندو، جنهن تي ايف بي آر سربراهه چيو ته سيمنٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 2 رپيا في ڪلو مان وڌائي 3 رپيا ڪئي وئي آهي، روينيو وڌائڻ لاءِ هڪ رپيو واڌ ڪئي پئي وڃي. سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ ڪميٽي جي اجلاس دوران سوال ڪيو ته ڇا سگريٽن تي ايف اي ڊي وڌائڻ سان سگريٽ جو استعمال گهٽجي ويو آهي؟ جنهن تي ايف بي آر چيئرمين چيو ته فارمل سيڪٽر جي پيداوار ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، ٽئڪسن ۾ واڌ باوجود ماڻهن تماڪ ڇڪڻ نه ڇڏيو آهي. ايف بي آر سربراهه ٻڌايو ته هن سال ايف بي آر 40 ڪروڙ نان ٽئڪس ادا ڪيل سگريٽ هٿ ڪيا آهن، گذريل سال 14 ڪروڙ سگريٽ ضبط ڪيا ويا هئا، جيڪڏهن ڪنهن به دڪان مان اسمگل ٿيل سگريٽ هٿ آيو ته اهڙي دڪان کي سيل ڪيو ويندو. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪنهن به دڪان تي وڪرو ٿيندڙ شين جي قيمت نه لکيل آهي، اها قانون جي ڀڃڪڙي آهي، ان تي ڪو به عمل نه ٿو ٿئي، سڀني شين جو اگهه واضح لکيل هجڻ گهرجي، جنهن تي ڪميٽي فاروق ايڇ نائيڪ جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايف بي آر سربراهه چيو ته پلاٽن تي ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ پڇاڻو ڪيو ته پلاٽن تي ايڪسائيز ڊيوٽي ڪيئن لڳائي وئي؟ چيئرمين ايف بي آر چيو ته اسان سيلز ٽئڪس لڳائڻ چاهيون ٿا، ان ڪري ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته پلاٽ ته نه سامان ۾ شامل آهن ۽ نه ئي خدمتن ۾ شامل آهن، توهان ڪهڙي قانون تحت پلاٽن تي سيلز ٽئڪس لڳائي؟ توهان قانون کي وڌايو ۽ انهن کي شامل ڪيو، هن قانون کي چئلينج ڪيو ويندو، مان ان جي حق ۾ نه آهيان. اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته اڪثر پارليامنٽ ميمبرن وٽ اسمگل ٿيل گاڏيون آهن، فيصل واوڊا چيو ته ايس آءِ ايف سي جي پاليسي کي سبوتاز ڪيو پيو وڃي، مونکي خبر آهي ته ان ۾ ڪير ملوث آهي، ان جو نالو وٺڻ ۾ هڪ سيڪنڊ به نه لڳندو، مان ڪاروباري ماڻهو آهيان، مونکي خبر آهي ته اسڪينڊل ۾ ڪير ڪير ملوث آهي.