پرڏيهي واءُ سواءُ طالبان وزير جو عرب امارات جو دورو ۽ خطي جي سياست

دنيا افغانستان جي طالبان حڪومت کي تاحال تسليم نھ ڪيوآھي. ان سلسلي ۾ قطر ۾ 30 جون تي افغانستان مسئلي تي ھڪ اھم گڏجاڻي ٿي رھي آھي.ان کان اڳ افغان اڳواڻن عرب ملڪن سان رابطا ڪري رھيو آھي.

افغانستان ۾ طالبان حڪومت جو گهرو وزير سراج الدين حقاني گذريل هفتي متحده عرب امارات جو دورو ڪيو آھي. 2021 ۾ طالبان پاران افغانستان جي اقتدار تي قبضي ڪرڻ کان بعد  ھي سندس  پهريون پرڏيهي دورو سمجهيو پيو وڃي. ھن کان اڳ سعودي عرب ۾ حج  ادا ڪرڻ دوران سندس وڊيوز به سامهون آيون ھيون.

ابوظهبي جي بيچ پيليس ۾ حسين حقاني وفد سان گڏ اماراتي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي.افغان وفد ۾ انٽيليجنس چيف عبدالحق واثق به شامل هو.  عرب امارات جي صدر افغان وفد سان ”ٻنهي ملڪن  ۾ دوستاڻي لاڳاپن ۽ تعاون کي مضبوط ڪرڻ“ ۽ گڏيل مفادن جي حصول تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کان علاوه امارات خطي جي استحڪام خاص طور تي اقتصادي ۽ ترقياتي شعبن ۾ افغانستان ۾ بحالي ۽ ترقي جي حمايت لاءِ  جاري رکڻ جو اظهار ڪيو. سراج الدين حقاني، مولوي جلال الدين حقاني جو پٽ ۽ سندس جانشين آهي، جيڪو طالبان جي مضبوط گروهه، حقاني مجاهدين يا حقاني نيٽ ورڪ جو باني سربراهه پڻ آهي.

نائين اليون بعد بيماريءَ ۽ ڪمزوريءَ سبب جلال الدين حقاني، سراج الدين کي جانشين مقرر ڪري ڇڏيو ھو. پنهنجي والد جي جانشين هئڻ ڪري کيس ’خليفو صاحب‘  سڏيو ويندو آهي.

طالبان تحريڪ 90ع واري ڏهاڪي جي قنڌار کان اڀري ھئي. تڏھن قنڌاري طالبان جو تحريڪ تي ڪافي اثر رهيو، پر نائين اليون بعد اها افغانستان جي ڏکڻ اوڀر واري علائقي لويا پڪتيا سان تعلق رکندڙ حقاني خاندان ڏانھن منتقل ٿي  وئي. آمريڪا ۽ ان جي اتحادين خلاف جنگ ۾ ھن خطي جي ويڙھاڪن  نمايان ڪردار  ادا ڪيو.جنھن سان سراج الدين حقاني طالبان جي قيادت لاءِ  اهم ٿي ويو.

سراج الدين حقاني آمريڪا پاران عالمي دهشتگرد قرار ڏنل آهي.2015 ۾ سراج الدين حقاني کي طالبان جو نائب سربراهه مقرر ڪيو ويو ھو،2021 ۾ طالبان جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ھو قائم مقام گهرو وزير مقرر ڪيو ويو. آمريڪي پرڏيھي کاتي موجب  واشنگٽن، طالبان سان خطي جي ملڪن جي لاڳاپن کان پوري طرح واقف آهي. ترجمان جو چوڻ آھي تھ سراج الدين حقاني اڃا تائين آمريڪا جي دھشتگردن واري لسٽ ۾ شامل آهي.آمريڪا صورتحال کي ويجهي کان مانيٽر ڪري رهيو آهي.

2018  ۾ گڏيل عرب امارات انٽرا افغان ڳالهين ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ھو. جنهن جو مقصد تڪرار کي ختم ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ٿيل گڏجاڻين  ۾ آمريڪي عملدارن سان گڏ طالبان جا نمائندا به شامل هئا.  طالبان جي ھن ڀيري اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ نار جي رياستن افغانستان سان لاڳاپن ۾ احتياط کان ڪم ورتو.تنھن ھوندي بھ افغان طالبان حڪومت سان رابطي لاءِ رستو  کليل رکيو ويو. ھن وقت بھ لڳ ڀڳ ٽي لک کان وڌيڪ افغاني  عرب امارات ۾ رھن ٿا.

ماھرن جو خيال آھي تھ دنيا جي لاءِ افغانستان انڪري بھ آھي جو اھو اڳتي جي رياستن تائين پھچڻ لاءِ اھم لنگھھ آھي.انڪري عرب ملڪن جو زور آھي تھ طالبان آمريڪا ۽ اتحادين سان ڪيل معاھدي تي عمل ڪن جئين ٻين ملڪن لاءِ آساني پئدا ٿي سگھي.

اها حقيقت آهي ته طالبان اڳواڻ اڃا تائين بليڪ لسٽ ۾ آهن ۽ انهن تي سفري پابنديون لاڳو آهن. ھن دوري جو مقصد خطي جي ملڪن سان رابطي ۽ ڳالهين کي شروع ڪرڻ آھي.ڇاڪاڻ جو عالمي دنيا خاص ڪري آمريڪا اڃا تائين افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کي تسليم نه ڪرڻ لاءِ دٻاءُ موجود آهي..

سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات  او آءِ سي، جي ذريعي طالبان حڪومت تي اثر وجھڻ چاھين ٿا.جئين حالتون بھتري طرف وڃن ۽ دنيا طالبان کي تسليم ڪري سگھي.ان کانسواءِ خطي جا ملڪ افغانستان سان واپار جي رستا کولڻ نٿا چاھين،ڇاڪاڻ جو عالمي سطح تي اھڙو عمل بھرحال ھڪ نازڪ معاملو سمجھيو وڃي ٿو.

خطي جو ملڪ قطر 2010 جي شروعات کان وٺي سينيئر طالبان اڳواڻن جي ميزباني ڪئي ھئي.  جنهن جو بنيادي مقصد تحريڪ ۽ افغان حڪومت، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن وچ ۾ سياسي مفاهمت لاءِ  چينل کولڻ ھو.آخر ڪار اھو معاملو قطر جي ٽياڪڙي سان ئي انجام تي پھتو ھو. ھڪ ڀيروٻيھر 30 جون تي قطر ۾ اجلاس ٿي رھيوآھي.ھي چرپر ان جي لاءِ اڳواٽ ڪجهھ معاملا بحث ۾ آڻڻ آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.