دڪان تان ڦرلٽ ڪندڙ پوليس پارٽي رمانڊ تي جاچ آفيسر حوالي

ڪراچي (رپورٽر)گلشن اقبال ۾ پان جي دڪان تان مبينا ڦر ڪندڙ  پوليس پارٽي جي گرفتار  جوابدارن کي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي  عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جاچ آفيسر ٻڌايو ته ڊي ايس پي جو پٽ پيءُ جي پوليس موبائل کڻي ڦر لٽ ڪري رهيو هو ، ڪيس ۾ هڪ جوابدار اڃا تائين روپوش آهي ان کي به گرفتار ڪرڻو آهي. جاچ آفيسر جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدارن کان ڪيس بابت وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي انڪري جسماني رمانڊ تي ڏنو وڃي.  عدالت ڊي ايس پي ظفر ۽ سندس پٽ شيخ محمد فهد کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي گلشن اقبال پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.هوڏانهن آءِ جي سنڌ گلشن اقبال ۾ پان جي دڪان ۾ چوري واري معاملي جي ميڊيا رپورٽ تي وڏو ايڪشن وٺندي ڊي ايس پي ليگل ظفر جاويد کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقصود حيدر کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪندي آءِ جي کي 15 ڏينهن اندر جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.