اسلام آباد (م ڊ) حڪومت ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ڳالهين جا اهم تفصيل سامهون اچي ويا آهن. پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جي سياسي ڪردار واري مطالبن کانپوءِ ن ليگ سنڌ ۾ حصو گهري ورتو آهي. جنهن بعد ڳالهين ۾ رولڙو پئجي ويو آهي. ذريعن موجب پيپلز پارٽي پنجاب جي اقتدار ۾ پارٽي عهديدارن ۽ ٽڪيٽ هولڊرن کي حصو ڏيڻ کان مطالبو ڪيو، جڏهن ته ن ليگ پنهنجي اڳواڻن لاءِ سنڌ ۾ حڪومتي عهدن ۽ فنڊن جو مطالبو ڪيو، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ن ليگ کي حصو ڏيڻ جي حامي ناهي ڀري، پيپلز پارٽي جي انڪار کانپوءِ ن ليگ پڻ ڪنهن به قسم جي خاطري ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي، جنهن بعد ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ اچي ويو آهي.