مريم رياض وٽو، بشرى بي بي ۽ عمران خان خلاف وعدا معاف گواهه

اسلام آباد( تجزيو: معظم فخر) بشرى بي بي جي ڀيڻ مريم رياض وٽو جي هڪ ٽوئٽ ڪري بشرى بي بي خلاف وعده معاف گواهه ٿيڻ بعد  بشرى بي بي ۽ عمران خان خلاف صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي آهي، مريم بي بي جيڪا دبئي ۾ مقيم آهي ان پنهنجي ڪيل ٽوئٽ ۾ انهن سمورن الزامن جي شاهد طور سامهون آئي آهي جيڪي الزام بشرى بي بي تي لڳلندا رهيا آهن، مريم  جو چوڻ آهي ته مان ان ڳالهه جي گواهه آهيان ته بشرى بي بي ڪهڙي نموني ملڪ رياض کان فائدا وٺندي رهي آهي، ان کان پئسا وٺندي رهي آهي ۽ کيس پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪندي رهي آهي، جڏهن ته لنڊن ۾ مقيم عمران خان جي بااعتماد ۽ ويجهي دوست عادل راجا پڻ ٽوئٽ ڪري چيو آهي ته مريم بي بي ، بشرى بي بي لاءِ جيڪي ڪجهه چيو آهي اهو بلڪل درست آهي ۽ مان پاڻ ان جو شاهد آهيان. بشرى بي بي خلاف مريم رياض وٽو  ۽ عادل راجا جي بيانن بعد صورتحال ڪافي ڳنڀير ٿي رهي آهي. بشرى بي بي تي ٻين الزامن کان سواءِ اهي به الزام آهن ته هُن رياض ملڪ کي زمان پارڪ لاهور واري جڳهه جي مرمت ۽ سجاوٽ لاءِ ڪروڙين روپين جو خرچ ڪرايو. لاهور واري رهائش گاهه عمران خان بشرى بي بي کي حق مهر ۾ لکي ڏني آهي. تازو بحريا ٽائون راولپنڊي  ۾ نيب ڇاپي کانپوءِ سمورا فائل جيڪي حڪومت جي فائدي ۾ ۽ عمران خان جي خلاف هيا محسن نقوي جي قبضي ۾ اچي ويا،مريم رياض وٽو جي اهڙي بيان بعد هاڻي اسٽيبلشمينٽ لاءِ اها ڳالهه سولي ٿي وئي آهي ته هو عمران خان ۽ بشرى بي بي خلاف ثبوتن سان عملي ڪارروائي ڪري سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.