اسٽيبلشمينٽ فضل الرحمان سان اڻ سڌو رابطو ڪيو آهي: تجزئي نگار

اسلام آباد( عوامي آواز نيوز) نامياري صحافي ۽ تجزئي نگار نجم سيٺي چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان کي حڪومت ۾ ڪٿي نه ڪٿي  ايڊجسٽ ڪيو ويندو، هُن اهڙو اظهار پنهنجي ٽاڪ شو سيٺي سي سوال ۾ ڪيو آهي، هُن محسن نقويءَ جي سرگرمين تي ڳالهائيندي چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جتي ضروري سمجهي ٿي ته معاملا  ۽ صورتحال اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ٿي رهيا آهن ته اتي معاملن کي ٿڌو ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ محس نقوي کي ذميواري ڏني وڃي ٿي، مولانا فضل الرحمان سان ملاقات پڻ اسٽيبلشمينٽ جي اهڙي ئي هڪ ڪوشش آهي جنهن جا اثر جلد ئي نظر ايندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.