شهيد نصرالله گڏاڻي ڪيس جا روپوش جوابدار پيش ڪرڻ جو حڪم

ميرپورماٿيو (ن ع آ)ميرپورماٿيلو ۾ شھيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ٿي گذري، گرفتار جوابدار به پيش ٿيو  ۽ شھيد جي ڪيس جو فريادي امڙ مسمات پٺاڻي به ڪورٽ ۾ پيش ٿي، ٻڌڻي دوران ڪورٽ سڳوري ٻيا جوابدار پيش ڪرڻ چيو پوليس پاران ٻيا جوابدار گرفتار ناھن ٿيا جنهن تي ڪورٽ سڳوري پاران ڪيس جي آءِ او کي ٻھ جوابدار گرفتار نه ڪرڻ تي ڇنڊ ڪنڍي چيو ته ٻن ڏينھن ۾ جوابدار عبدالله لنڊ ۽ برڪت لنڊ کي گرفتار ڪري ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي ٻن ڏينھن بعد پندرنهن تاريخ ڇنڇر ڏينهن تي رکي وئي آهي ۽ وڪيل پاران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اي ٽي سي ڪورٽ پاران سختي سان حڪم ڏنو ويو آهي ته فئير انويسٽيگيشن ڪري ڇنڇر واري ڏينهن رپورٽ پيش ڪندو ۽ انٽريم چلان پيش ڪندو ۽ فائنل چلان لاءِ چوڏهين ڏينهن جو ٽائيم ڏنو ويو آهي انٽريم چلان ۾ ٽي جوابدار ڄاڻايا آھن جنھن ۾ مين جوابدار اضعر لنڊ گرفتار آهي ۽ باقي 2 جوابدار عبدالله لنڊ ۽ برڪت لنڊ روپوش ڄاڻايا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ چوڻ هو ته انويسٽيگيشن ھلي ٿي پئي،گرفتار ڪيل جوابدار کي ٻن ڏينھن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.